ملڪي معيشت تباهه ۽ عوام غذائي کوٽ جو شڪارآهي: محمد علي ٻگهيو

موهن جو دڙو (ن ع آ) پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جي نائب صدر محمد علي ٻگهيو جو چوڻ هو ته عوام غذائي کوٽ جو شڪار آهي، ملڪ جي معيشت تباھ ٿي رهي آهي، نيازي حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام بڻجي وئي اهڙي ڳالھ هن ڪالھ يونين ڪائونسل ڪاراڻي جي مختلف ڳوٺن جي ماڻهن سان سندن پيارن جي وڇوڙي تي تعزيتن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. هن وڌيڪ چيو ته نيازي حڪومت روزانو جي بنياد تي مهانگائي ۾ اضافو ڪري رهي آهي.، بجلي هڪ روپيو 6 پيسا مهانگائي ڪري عوام مٿان نئون بم ڪرايو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جو عوام مهانگائي جي چڪي پڙهجي رهيو آهي، وفاق حڪومت عوام کان ٻه ويلا ماني کائڻ جو حق کيسي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، ايندڙ حڪومت پاڪستان پيپلزپارٽي جي هوندي. ان موقعي تي اڳوڻي يوسي چيئرمين محمد علي راڄپر، واجد ٻگهيو، محمد صفر جوڻيجو ۽ ٻيا گڏ هئا.

عبدالرحمان کوسو مختيارڪار ڳڙهي خيرو مقرر

ڳڙھي خيرو(ن ع آ) ڳڙھي خيرو مختيارڪار عبدالمالڪ کوسو رٽائر ٿيڻ بعد سندس پٽ عبدالرحمان کوسو کي مختيارڪار ڳڙھي خيرو مقرر ڪيو ويو ۽ سندس چارج سنڀالي ورتي, ان موقعي تي چارج سنڀالڻ دوران رٽائرڊ مختيارڪار عبدالمالڪ کوسو, رٽائرڊ تپيدار محمد دين بروھي, اسسٽنٽ مختيارڪار سرفراز احمد بروھي, اسسٽنٽ لياقت علي ڪوھري, صحافي خدا بخش لغاري صدر پريس ڪلب ڳڙھي خيرو, صحافي منظور جان بروھي ۽ سندس روينيو جي عملي پڻ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.