ٽنڊو مستي واسي نوجوان منشيات ڪيس ۾ بي ڏوهي ثابت، ڪيس مان آزاد

ٽنڊومستي (ن ع آ) خيرپور ۾ تڪڙا ڪيس اڪلائڻ لاءِ قائم ڪرمنل ماڊل ٽرائيل ڪورٽ جي اسپيشل نارڪوٽس  جي عدالت ۾ راڻي پور ٿاڻي جي هڪ منشيات جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري. جنهن دوران ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻائيل عامر چانڊيو مٿان ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت کيس آزاد ڪري ڇڏيو.. واضح رهي ته راڻي پور  ٿاڻي تي فريادي سرڪار جي طرفان منشيات جي الزام هيٺ جوابدار عامر چانڊيو مٿان ١1400 گرام چرس رکڻ جو ڪوڙو  ڪيس داخل ڪرايو ويو هو جنهن جي ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل غلام رسول چانڊيو جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت جوابدار کي بي ڏوهي ثابت ٿيڻ تي کيس ڪيس مان آزاد ڪري ڇڏيو.

حيدرآباد ۾ ڪوٽڙي واسي ڳوٺاڻي جو چورن خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) ڪوٽڙي جي ڳوٺ مانجهور جي رهواسي دين محمد چوري ڪيس ۾ ملوث جوابدارن پاران موتمار ڌمڪيون ملڻ ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. هن الزام مڙھيو ته 2 مهينا اڳ خير محمد، ذوالفقار ۽ ٻين سندس گهر مان سونا زيور ۽ 8 لک روپيا روڪ رقم چوري ڪري ويا هيا، جنهن جو فيصلو ڄاڻايل جوابدارن قبول ڪيو هو پر چوري واپس ڪرڻ بدران کين ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.17

استادن جي سرڪاري اسڪولن ۾ اولاد کي پڙهائڻ جي آجيان ڪيون ٿا: صادق لاکو

سڪرنڊ ( ن ع آ ) سنڌ ڪلچرل فورم جي چيئرمين صادق لاکي سڪرنڊ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ هاء ڪورٽ ڪراچي جي جسٽس صلاح الدين پنهور جي سربراهيء ۾ ڪم ڪندڙ ڊويزنل بينچ  پاران تعليم کاتي جي استادن ۽  ملازمن کي پنهنجو اولاد سرڪاري اسڪولن ۾ پڙھائڻ جو حڪم ڏيڻ واري فيصلي جي ڀرپور آجيان ڪندي چيو آھي ته سنڌ ڪلچرل فورم گذريل ڪافي سالن کان اهو مطالبو ڪندي رهي آھي ته سنڌ اندر بهتر تعليم لاءِ سمورن سرڪاري ملازمن کي پنهنجو اولاد سرڪاري اسڪولن ۾ پڙھائڻ جي لاءِ پابند ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪئي.

پ پ پي ايس 88 تي وڏي ليڊ سان ڪاميابي حاصل ڪندي:نظير ڀٽو

ملير (ڊ.ر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ نظير احمد ڀٽو چيو آھي تہ پيپلز پارٽي پي ايس 88 جي اليڪشن ۾ وڏي ليڊ سان ڪاميابي حاصل ڪندي يوسف بلوچ جي ڪاميابي لاءِ پيپلز پارٽي جا ورڪر ۽ عوام ورڪ ڪري رھيا آھن يوسف بلوچ اسان جو نوجوان اميدوار آھي اسان يوسف بلوچ جي ڪاميابي لاءِ ڪم ڪري رھيا آھيون، نظير ڀٽو چيو تہ شھيد مرتضيٰ بلوچ اسان جو ڀاءَ ھو ھن جي اڻمدائتي وڇوڙي تي پارٽي ورڪرن دوستن ساٿين گھرجي ڀاتين کي تمام گھڻو ڏک ٿيو پي ايس 88 تي پيپلز پارٽي جي ڪاميابي مرتضيٰ بلوچ جي ڪاميابي آھي اسان پاڪستان پيپلز پارٽي جا ورڪرز آھيون شھيد ذوالفقار علي ڀٽو شھيد محترمہ بينظير ڀٽو جا جيالا آھيون پنھنجي پارٽي جي ساٿي جي ڪاميابي اسان جي ڪاميابي آھي اسان يوسف بلوچ جي ڪاميابي لاءِ عوام کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪريون ٿا . ھن چيو تہ پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسان جو ليڊر آھي ھن وقت ملڪ جي سياسي قيادت بلاول ڀٽو ڪري رھيو آھي وقت آھي تہ ھن مھانگائي جو طوفان آڻيندڙ تبديلي پسندن کي ھر ھنڌ نيڪالي ڏجي اسان کي گھرجي تہ اسان يوسف بلوچ کي ڪامياب ڪريون ھن چيو تہ 16 فيبروري تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪاميابي جو ڏينھن آھي.

ٽنڊي آدم ۾ ڪالوني سهولتن کان محروم

ٽنڊوآدم ( ت ر ) ٽنڊوآدم جي مدينه ڪالوني بنيادي سهولتن کان محروم ، ڊرينج سسٽم ، روڊ رستا ، اسٽريٽ لائيٽ سالن کان نه ملي رهواسين جو احتجاج رپورٽ موجب  ٽنڊوآدم جي ٻيراڻي روڊ تي واقع مدينا ڪالوني بنيادي سهولتن کان محروم آهي ڪالوني کي نيڪال جو نظام ، پڪيون گهٽيون ۽ اسٽريٽ لائيٽ گذريل 20 سالن کان ناهن ملي سگهيون جنهن سبب سموري ڪالوني گندگيءَ جي ڍير ۾ تبديل ٿي چڪي آهي ۽ رهواسي سخت مشڪلاتن ۾ آهن.  ان سلسلي ۾ رهواسين پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو اڳواڻن عمران ملوکاڻي ، خان ٿهيم ، اي ڊي سومرو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي ٻڌايو ته 20 سالن کان ڪابه سهولت ناهي ڏني ويئي جانورن کان بدتر زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون علائقي جي ايم اين اي ، ايم پي اي ۽ ميونسپل اختيارين وٽ هلي هلي جتيون گسي ويون آهن پر ڪوبه دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي هنن  ڪالوني ۾ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي.

ٽنڊي آدم ۾ پ پ اڳواڻ يامين خاصخيلي لاڏاڻو ڪري ويو

ٽنڊوآدم ( ت ر ) پ پ اڳواڻ ، هدايتڪار ۽ اداڪار يامين خاصخيلي جو والد بيماريءَ وگهي لاڏاڻو ڪري ويو رپورٽ موجب پ پ اڳواڻ اسٽيج ڊرامن ۽ ٽيلي فلم جي اداڪار ۽ هدايتڪار يامين خاصخيليءَ جو والد  ۽ سماجي شخصيت محمد يونس خاصخيليءَ جو ڀاءُ محمد سنڌي بيماريءَ وگهي لاڏاڻو ڪري ويو جنهن کي سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.  سندس آخري رسمن ۾ اڳوڻي تعلقه ناّظم غلام مرتضى جوڻيجو، پ پ اڳواڻ محمد حنيف ورياھ، ڊاڪٽر محمد شريف کوسو، سيد عبيدالله شاھ، امداد راهي ، حاجي سليم ميمڻ ، اياز گل جوڻيجو سميت ماڻهن  جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.