سکر ۾شهري اتحاد جو حددخلين خلاف احتجاج

سکر( رپورٽر) سکر شهري اتحاد پاران شهر ۾ حددخلين جي آزار خلاف قريشي ڳوٺ واري علائقي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين ميونسپل انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي عبيدالله ڀٽو، سيد عمران علي شاهه، حبيب الله انصاري ۽ بين چيو ته سکر ميونسپل ڪارپوريشن پاران حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ ملازمن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي. پر ان باوجود شهر ۾ حددخليون ختم ناهن ٿي سگھيون. ميونسپل عملدارن جي ملي ڀڳت سان اڪثر واپاري گھنٽا گھر، مهراڻ مرڪز، غريب آباد، شمس آباد سميت مختلف روڊن، رستن، بازارن تي قبضا ڪري ويٺل آهن. اينٽي انڪروچمينٽ سکر جو ڊائريڪٽر خالد جتوئي قبضا خورن جي پٺ ڀرائي ڪري رهيو آهي، جنهن سبب شهر مان حددخليون ختم نه پيون ڪرايون وڃن، هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ حددخليون ختم ڪيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.