اڏيري لال يوسي ۾ ڪتا مار مهم شروع

اڏيرولعل وليج (ن ع آ) يونين ڪائونسل اڏيرولعل وليج جي سيڪريٽري پاران هڪ دفعو ٻيهر ڪتا مار مهم شروع ڪري ڇڏي آھي.جيئن ته اڏيرولعل وليج ,ابوبڪرموروجا,ڳوٺ ٻڍو ڏاهري,لطيف آباد گدو,ڳوٺ پنيون خدري ۽ ڳوٺ بچل ورياھ ۾ يونين ڪائونسل سيڪريٽري پاران ڪتا مار مهم شروع ڪري ڇڏي آھي. ان موقعي تي سيڪريٽري يونين ڪائونسل اڏيرولعل وليج زي هاشم شاھ صحافين سان ڳالهائيندي چيوته هاء ڪورٽ جي حڪم ملڻ کان پوء سڄي سنڌ جيان اڏيرولعل وليج ۽ ان جي ڀر پاسي وارن علائقن ۾ اسان به ڪتامارمهم هلائيسين.حڪومت طرفان پوائزن جي دير سان ملڻ ڪري ٿوري ليٽ ضروري ٿي هئي.جنهن سبب عوام پاران يونين ڪائونسل جي سيڪريٽرين تي ايف آء آرون به ڪٽيون ويون هيون.جيئن ته مون تي به ڪتن جي چڪڻ جون چار ايف آء آرون ڪٽيون ويون هيون.جيئن ته اڏيرولعل شھر ۽ان جي آس پاس جي علائقن ۾ رولو ڪتن جي اچڻ ڪري هڪ دفعو ٻيهر ڪتا مار مهم شروع ڪري ڇڏي آھي. . ان موقعي تي سيڪريٽري يونين ڪائونسل اڏيرولعل وليج زي هاشم شاھ ڪلارڪ نديم ڪوري۽ ٻيا آفيسر گڏ ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.