حيدرآباد ۾ ماڻهن کي ٺڳيندڙ سان واسطو ناهي:پي ٽي آءِ اڳواڻ

حيدرآباد(رپورٽر) تحريڪ انصاف حيدرآباد ريجن جي جنرل سيڪريٽري محفوظ عرساڻي، وومين ليگ جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري سيما شيخ، وومين ليگ ضلعي حيدرآباد جي صدر نازش فاطمه ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته حيدرآباد جي علائقي پريٽ آباد مان پاڻ کي تحريڪ انصاف جو اڳواڻ سڏائي غريب نياڻين ۽ عورتن کي جنسي حراسان ڪندڙ غلام حسين قريشي جو تحريڪ انصاف سان ڪو به واسطو نه آهي، غلام حسين قريشي جون شڪايتون ملڻ تي ان خلاف فريادي عورتن سان گڏجي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آھي، جنهن بعد پوليس جوابدار کي پڻ گرفتار ڪري ورتو آهي. هنن چيو ته پي ٽي آءِ ۾ ڏوهاري قسمن جي ماڻهن جي ڪا به گنجائش نه آهي اسين مظلوم عورتن سان گڏ آهيون.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.