ماٿيلي ۾بيواهه جو بااثرن خلاف احتجاج، نياڻي 5 سالن کان قيد ڪرڻ جون دانهون

ميرپورماٿيلو ( ن ع آ) ميرپورماٿيلو لڳ ڳوٺ جلال چاچڙ ۾ بااثرن پاران غريب مسڪين بيواھه پيرسن ملوقان سومرو جي گھراڻي سان گذريل ڪيتري عرصي کان ڪلور ڪيا پيا وڃن، ھر روز ڏاڍايون ڪري سندن جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو آھي. ان سلسلي ۾ ڪنبير سومرو پنھنجي پيرسن ماء مسمات ملوقان سومرو،ڀيڻ مائي مجيدان سومرو ۽ معصوم پٽ کي ساڻ ڪري ميرپورماٿيلو پريس ڪلب پھتا، جتي ھنن زارو قطار روئندي بااثرن جي ڪيل ظلم جو داستان ٻڌائيندي چيو ته سندن جا رشتيدار ۽ ڳوٺ جا وڏيرا صالح محمد سومرو،نيڪ محمد سومرو ۽ سندن جا پٽ ھر روز وحشياڻو تشدد ڪري پيرسن عورت مائي ملوقان سومرو ۽ سندس اڪيلي پٽ ڪنبير سومرو کي مارڪٽ ڪن ٿا، جن ڪيترائي ڀيرا مارڪٽ ڪري سندن ٻانھون به ڀڳيون آھن، ڪڏھن سندن جي زمين جو پاڻي بند ڪيو وڃي ٿو ته ڪڏھن وري فصل ٻوڙيو وڃي ٿو، پيرسن عورت چيو ته ڄاڻايل بااثرن داد لغاري جي رھواسي بااثر عبدالحميد سومرو جي معرفت سندس جي نوجوان ڌيء نسيمان سومرو کي اغوا ڪرائي وري واپس ڪري سندس ماٽيلي پٽ گلزار سومرو سان ملي ڀڳت ڪري ٽن لکن ۾ وڪڻي معذور شخص سان زبردستي پرڻائي ڇڏيو، جيڪا پنج سالن کان اتي قيد ٿيل آھي، جنھن جا ڏير کيس ڪنھن ڀاتي سان ملاقات ڪرڻ به نه ٿا ڏين،ان کان علاوہ ڄاڻايل بااثر اغوا ڪندڙن کان فيصلو وٺرائي ڏيڻ جو بھانو ڪري ڏيڍ لک رپيا زبردستي وٺي ھڙپ ڪري ويا،  ڪالھ ھنن وري حملو ڪري سندن جي ٻارڻ واريون ڪاٺيون ساڙي ڇڏيون،روڪڻ تي پيرسن عورت ملوقان سومرو ۽ سندس پٽ ڪنبير سومرو کي سخت مارڪٽ ڪري گيھلي تذليل ڪئي، سندن جي فرياد ٻڌڻ وارو ڪير ناھي، ھر اداري ۽ کاتي ۾ سندن جا ماڻھو ويٺل آھن،ھنن وسوارن کان قيد بڻيل نسيمان سومرو کي آزاد ڪرائي ڄاڻايل جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري کانئن تحفظ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.