رتيديري واسي پورهيت جي نياڻي بيمار، علاج ڪرائڻ جي اپيل

رتوديرو (ت ر) رتوديرو شهر جي موٽڻ پور محلي جي رهواسي غريب پورهيت عبدالغني ابڙو جي ڏيڍ ورهين جي معصوم ڌيءَ آيت سخت بيماري جي حالت ۾ آهي جڏهن ته نينگري جي والد رتوديرو پريس ڪلب پهچي صحافين سان ڳالهائيند ي چيو ته گذريل ٻن مهينن کان منهنجي ڌيءَ سخت بيمار آهي ٻن مهينن جي عرصي ۾ ڌيءَ جي علاج ڪرائڻ ۾ گھر جو الهه تلهه کپائي ڇڏيو اٿم پر پوءِ به هن کي ڪو فائدو نه مليو آهي هن چيو ته غريب مزدور آهيان پڪوڙا ٺاهي پنهنجن ٻچن جو پيٽ پاليندو آهيان سرڪاري اسپتالن وارا به ڪا واهر نه ٿا ڪن هن چيو ته غريب هجڻ ڪري پنهنجي ڌيءَ جي علاج جو خرچ برداشت ڪرڻ منهنجي وس ۾ ناهي منهنجي سرندي ۽ وس وارن کي اپيل آهي ته منهنجي گلن جهڙي ڌيءَ جي علاج ڪرائڻ ۾ مان مسڪين ۽ غريب پورهيت جي مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.