پ پ حڪمرانن عوام کي بدحال ڪيو آهي: عدنان انڙ

ڏوڪري (رپورٽ : قاضي آفتاب ) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ ڪاراڻي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير حاجي الطاف حسين انڙ جي فرزند عدنان خان انڙ جي مان ۾ عابد حسين ٻگهيو پاران مچ ڪچهري  واري تقريب ڪوٺائي وئي تقريب ۾ پس گردائي جي ڳوٺن مان سياسي سماجي ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي مچ ڪچهري واري تقريب ۾ سگهڙن بيت ۽ دوهيڙا ٻڌائي محفل ۾ واھ واھ ڪرائي ڀرپور داد حاصل ڪيو جڏهن ته صوفياڻي راڳ رنگ  جي محفل ۾ صوفي راڳين ڪلام ڳائي آيل مهمانن کي جهومائي ڇڏيو ان موقعي تي عدنان خان انڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ حڪومت اٽي لٽي ۽ اجهي جي ناري تي عوام کي بک بدحاليءَ جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي سنڌ جا نوجوان بي روزگاري سبب خود ڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن موجوده سنڌ حڪومت  عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي غريب مزدور عوام ٻن ويلن جي پيٽ گذر لاءِ پريشان آهي ايندڙ اليڪشن ۾ پ پ کي بدترين شڪست ملندي، تقريب ۾ سيد سڪندر شاھ بدرالدين ساريو خورشيد احمد پيرزادو محمد ڏهر محمد علي ٻگهيو اظهر ٻگهيو فياض حسين سيال  فدا حسين ابڙو، صدام  ٻگهيو، لياقت سومرو، حبيب الله کوکر ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.