ٿاڻو بولا خان شهر کان ايم نائن موٽروي جي سالن کان مرمت نه ٿي

ٿاڻوبولاخان (ن ع آ) ٿاڻوبولا خان شھر سميت پوري ڪوهستان کي ڪراچي ، حيدرآباد توڙي پوري ملڪ سان ملائيندڙ ٿاڻوبولاخان شھر کان ايم نائن موٽروي تائين 20ڪلوميٽرجي مفاصلي تي مشتمل مين روڊ گذريل ڪيترن ئي سالن کان مرمت نه ٿيڻ سبب تباهه ٿي ويو آھي، روڊ جي مرمت نه ٿيڻ سبب مين روڊ کي هنڌان هنڌان کڏا پئجي ويا آھن، هن روڊ تان روزانو سوين گاڏيون گذرن ٿيون روڊ ٽٽل هجڻ ڪري ماڻھن کي ڪافي مشڪلاتون پيش اچن ٿيون هن تباهه ٿيل روڊ تان گذرڻ سبب ماڻهن کي پريشاني اچي ٿي پر گاڏين کي پڻ تمام گهڻو نقصان ٿئي ٿو گاڏين جا مختلف اوزار ٽٽي وڃن ٿا ڪافي سال گذرڻ باوجود روڊ زبون حالي جو شڪار بڻيل آھي، ٿاڻوبولاخان جي رهواسين نيشنل هائي وي کاتي، سنڌ حڪومت ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته روڊ جي مرمت ڪرائي سهولت ڏني وڃي ياد رهي ته ڪجه وقت پهريان هن روڊ جي مرمت جو ڪم شروع ٿيو هو پر رات وچ ۾ اهو ڪم بند ٿي ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.