اسلام ڪوٽ تعلقي ۾ گگرال جي نسل ڪشي

مٺي (بيورو) اسلام ڪوٽ تعلقي جي جُهن پوليس ٿاڻي جي حد ۾ رڻ ڪنڌي تي قائم ڳوٺن ڏيڻيو لنجا،واهر ۽ آسپاس جي علائقن ۾ قيمتي وڻ گگرال جي تباهي سرعام جاري آهي،بااثر ڌُريون جُهن پوليس ۽ ٻيلي کاتي جي ملي ڀڳت عيوض گگر جي وڻ کي ڪئميڪل ذريعي ٽُڪي کنئور ڪڍي وڪرو ڪرڻ ۾ رڌل آهن،مليل رپورٽن موجب ته جُهن ٿاڻي جي حد ۾ گگرال جي ڪاروبار کي پوليس کُلي ڇوٽ ڏيئي ڇڏي آهي،جنهن سبب بااثر ڌُريون سرعام غيرقانوني طريقي سان ٺيڪيداري سسٽم قائم ڪري پنهنجي مرضي موجب ٿر جي فطري سونهن گگرال جي وڻ کي ٽُڪي ختم ڪري رهيون آهن،ذريعن کان مليل رپورٽن موجب ته جُهن پوليس جو ٿاڻو گگرال سميت علائقي ۾ هلندڙ چورين،منشيات توڙي سماجي بُراين کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ڄاڻايل ٿاڻي جي حد ۾ فون جو ڪوبه نيٽورڪ ڪم نه ڪندڙ هجڻ توڙي ڪنهن به آفسير جي ٿاڻي تائين رسائي نه هجڻ ڪري پوليس اُتي جي غريب عوام لاءِ سرداري نظام قائم ڪري رکيو آهي،اُهو به معلوم ٿيو آهي ته ٿاڻي تي ٻڌڇوڙ جا ڪيترائي فيصلا پُڻ اُتي ٿيندا آهن ۽ علائقي جا بااثر ماڻهو پڻ ٿاڻي تي هر وقت ويٺل نظرايندا آهن،ڄاڻايل ٿاڻو جيڪو پاڪستان وجود ۾ آئي کان وٺي قائم آهي پر ٿاڻو اڃان تائين صرف جهونپڙي ۾ کليل آهي،پر اُتي سهوليت ڪابه موجود ناهي،جنهن سبب اُتي مقرر پوليس جو ننڍو عملو سردي توڙي گرمي ۾ سخت دربدر ٿيندي نظر اچي ٿو،اُنهي سان گڏ ڄاڻايل ٿاڻي کي لڳندڙ ڳوٺن ۾ نيٽورڪ جي سهوليت بهتر نه هجڻ توڙي واقعن بعد ڪنهن به ماڻهو جي جُهن ٿاڻي سان رابطي جي ڪابه سهوليت نه هجڻ ڪري سمورو سسٽم پوليس جي رحم ڪرم تي ڇڏيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.