مونيڪا سان زيادتي ؟

غضنفر سولنگي

سنڌ ۾ معصوم نياڻين سان لڄالٽ جا واقعا هاڻي روزو  جو معمول بڻجي ويا آهن، هر نئين ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن معصوم کي بگهڙ پنهنجي هوس جو نشانو بڻائن ٿا، اهڙو ئي ھڪ دل ڏاريندڙ واقعو پيرڳوٺ ڀرسان ھادل شاھ ۾ پيش آيو آھي، جتي ڪيلن جي باغ مان معصوم مونيڪا لاڙڪ جو لاش مليو ڳوٺ وارن جڏھن ڪيلن جي باغ ۾ لاش ڏٺو ته انھن  مونيڪا کي زندهه حالت  ۾ ڏٺو  ساھ جو سگو ڪڏهن ٽٽو شايد اهي وقت جا ويري ئي ڄاڻن پر ڊاڪٽرن جي ابتدائي رپورٽن مطابق ته مونيڪا سان  زيادتي ڪري پوءِ انهيءَ کي ماريو ويو آهي، ھادل شاھ جي  حويليءَ ۾ ڪم ڪندي  ھڪ ڏينھن مونيڪا گھران حويلي لاءِ نڪتي ته نه حويلي پھتي ۽ نه گھر، ٽن ڏينهن جي ڳولا کانپوءِ  سنڌس لاش مليو.

مونيڪا جو ڏوھ اُھو ھو ته ھِن غربت جي سبب پنھنجي پيٽ پالڻ جو  بار به ننڊي کان ئي پنهنجي  ڪُلھن تي کنيو هيو انهي لاءِ ئي هن حويليءَ ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو  هيو مونيڪا ڪا پھرين نياڻي به ناھي،  ان کان اڳ به ڪيتريون ئي مونيڪائون وحشي ھٿن جي ڪري موت جي منھن ۾ ھلي ويون آهن.

سوشل ميڊيا تي هڪ دوست  ڪيترو نه سچ ليکو آهي ته ”پيرڳوٺ جي هن معصوم نياڻيءَ جو هي لاش هر ان ماڻهو آڏو انصاف لاءِ پُڪاري رهيو آهي جنهن جي سيني ۾ انسان جي ٿوري بـ  دل آهي، جڏهن ڪشمور ۾ اهڙي درندگي ٿي هئي ته اتان جي ايس ايس پي امجد شيخ بيان ڏنو هو ته ”انهيءَ وحشياڻي واقعي تي سندس ننڊ ڦٽي وئي هئي“، ڏسجي ته هاڻي خيرپور پوليس جي ڪڏهن ٿي ننڊ ڦٽي!  بربريت جو شڪار ٿيل ھن نياڻي جو بيگناهه خون سموري انسانيت جي ضمير کي جهنجهوڙي رهيو آهي .اي غربت شل باھ لڳي“

مونيڪا جو گُهٽو ڏنل ۽ بيدرديءَ سان قتل ٿيل لاش هن معاشري جي عڪاسي پڻ ڪري ٿو ته  جيڪڏهن مونيڪا جا وارث غريب نه هجن ها ته مونيڪا کي پرائي گهر ۾ ڪم ڪرڻ ڏين ها ڇا؟ سڀ ڪجهه غربت ۽ پيٽ پالڻ جي ڪري ٿيو بکيو پيٽ انسان کان ڇا ڇا نٿو ڪرائي، مونيڪا پرائي گهر نوڪري ڪئي حڪومت توڙي جو  غريبن هي ڪائي به گهرج پوري نٿي ڪري ۽ ايئن وقت کي ڌڪو ڏئي پنهنجا پنج سال پورا ٿي ڪري غريب ويچارو ته هر دور ۾ سورن ۾ ئي رهيو آهي غريب ماڻهو هڪ ويلي ماني کائڻ لاءِ به پريشان آهي مونيڪا جي موڪلاڻي ڪئين سوال اٿاريا آهن ته سنڌ جا معصوم ٻار اڄ محفوظ هٿن ۾ ناهن، مونيڪا جي قتل ۾ جيڪي به ملوث جوابدار آهن، انهن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي آئي جي سنڌ، ڊي آءِ جي  سکر  ايس پي خيرپور سميت قانوني عملدارن،سماجي اڳواڻن،انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمن کي گهرجي ته وڌ کان وڌ مونيڪا لاڙڪ لاءِ آواز اٿاري هن گلڙن جهڙي ٻارڙي جي ناحق خون جو انصاف وٺن نه ته تاريخ گواھ آ ته هي خون پاڻ سڀني کي گهليندو۔

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.