ميهڙ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف عوامي تحريڪ جو احتجاج

ميھڙ ( ت ر ) عوامي تحريڪ تعلقي ميهڙ طرفان يارھين ڏينهن به شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف عوامي تحريڪ ضلعي دادو جي صدر  ايڊووڪيٽ امتياز جتوئي، تعلقي صدر ايڊووڪيٽ مشتاق چانڊيو، ايڊووڪيٽ نجيب مهيسر، ايڊوڪيٽ ذوالفقار چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ميهڙ پريس ڪلب اڳيان احتجاج جاري رکيو امن ڏيو يا استعيفا ڏيو، ڦرون ڌاڙا نامنظور، شهري ڦرائڻ،شهري آزارڻ بند ڪريو، ٿاڻن تي ڀاٿاريون نامنظور جا زوردار نعرہ، اڳواڻن چيو ته ميهڙ انتظاميه ڏوهارين جي ساٿاري بڻيل آهي جيڪا شهر جي امن امان جي بهتري لاءِ ڪوبه تحرڪ نه پئي وٺي.  هنن چيو ته ميهڙ سميت سموري ضلعي دادو ۾ امن امان جي صورتحال تمام خراب آهي جنهن خلاف ايندڙ خميس تي ٻيٽو چوڪ کان نيشنل پريس ڪلب ميھڙ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ھنيو ويندو جنھن ۾ عوامي تحريڪ جا مرڪزي اڳواڻ پڻ شرڪت ڪندا ۽ امن امان جي بهتري لاءِ جدوجهد جاري رھندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.