بدين لڳ 5 ڳوٺن ۾ پوليو جو بائيڪاٽ، سوين ٻارڙا ڦڙن کان رهجي ويا

بدين (رپورٽ: رازقڏنوکوسو) بدين جي وارڊ نمبر 6 لڳ درگاھ شاھ برھان جي  پنجن ڳوٺن ڳوٺ چاڪر جتوئي بچل جتوئي اسماعيل سومرو وينجهو ڪولهي. ولي محمد شاھاڻي. ۽ رمضان سومرو   جي ڳوٺاڻن   پاران پوليو مھم جو بائيڪاٽ ڪري پوليو ٽيم کي واپس ڪري ڇڏيو آهي جنھن ڪري سوين ٻارڙا پوليو جا ڦڙا  پيارڻ کان رھجي ويا آهن. پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪندڙ ڳوٺاڻن حاجي جتوئي.  مير حسن جتوئي.   رمضان. جتوئي  عاشق علي شاھاڻي. معشوق علي شاھاڻي ڌنجي ڪولهي.  رمضان سومرو موجب ته سندن واٽر ڪورس گذريل ٻن سالن کان   بااثر ماڻهن بچايو ملاح  ۽ ٻين قاضيه واھ کان بند ڪري ڇڏيو آهي جنھن ڪري پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ ٿي وئي آهي جانور ۽ ماڻهو اڃ مري رھيا آھن ۽ سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل سڪي ويو آهي ۽ سون جھڙيون زمينون پڻ بنجر ٿي ويون آهن ھنن چيو ته اسان مختلف ڏينهن تي. ايوان صحافت ۽ پريس ڪلب آڏو احتجاج به ڪيا آهن ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندن سان به مليا آهيون پر اسان کي پيئڻ جو به  پاڻي نٿو ڏنو وڃي  جنهن ڪري اسان. پوليو مھم جو  بائيڪاٽ ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان لکت ۾ ڊپٽي ڪمشنر بدين ۽ ڊي ايڇ او بدين جي آفيسن  ۾ به درخواست ڏني آهي  ھنن چيو ته جيستائين اسان  جوواٽر کولي اسان پاڻي  نٿو ڏنو وڃي تيستائين پوليو مهم جو بائيڪاٽ جاري رھندو ٻئي طرف پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪندڙ ڳوٺاڻن وٽ  ڪوبه ذميوار آفيسر نه آيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.