لاڙڪاڻي ۾آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم، رپورٽ طلب

لاڙڪاڻو(رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو) لاڙڪاڻي جي اينٽي انڪروچمينٽ ٽربيونل ڪورٽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي جج عباس حيدر گاد باقراڻي کان ڳيريلو روڊ ۽ آبپاشي جي زمين ارٿر شاخ ڀرسان ٿريچا ڳوٺ مان  غيرقانوني قبضو ختم ڪرڻ ۽ 20 ڏينهن جي اندر رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ تعلقي باقراڻي جي رهواسي ساجد علي جتوئي طرفان اينٽي انڪروچمينٽ ٽربيونل ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرائيندي دعويٰ داخل ڪئي هئي ته نواب علي، رضا محمد، صابو خان، همٿ علي راجپوت رهائشي ڳيريلو شهر، تعلقه باقراني لنڪ روڊ ڳيريلو سائيڊ ۽ آبپاشي کاتي جي ارٿر شاخ ڀرسان ڳوٺ ٿريچا ڀرسان سِرن جا بٺا ۽ دڪانن جي اڏاوت ڪري غيرقانوني قبضو ڪيو آهي. عدالت طرفان انوائرومينٽ ايجنسي کاتي جي انپسڪيٽر کان رپورٽ طلب ڪئي وئي جنهن جي رپورٽ موجب سِرن جي بٺن مان نڪرندڙ دونهون انساني صحت لاءِ هاڃيڪار آهي ان ڪري سِرن جا بٺا انساني آبادي کان پري هجڻ گهرجي. ڊسٽرڪٽ روڊس کاتي جي اسسٽنٽ انجنيئر پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته لنڪ روڊ جي مرڪز کان ٻنهي طرفن کان 55 فوٽن جي ايراضي روڊس جي ملڪيت آهي ان حد ۾ ڪا به اڏاوت غيرقانوني سمجهي وڄي. اهڙا بيان عدالت ۾ جمع ڪرائڻ تي عدالت ڪيس کي اڪلائيندي سِرن جي بٺن ۽ دڪانن جي اڏاوت کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو ان تي اينٽي انڪروچمينٽ ٽربيونل ڪورٽ ڊويزن لاڙڪاڻي جي جج عباس حيدر گاد واسطيدار عملدارن اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر انڪروچمينٽ فورس باقراڻي، مختيارڪار باقراڻي، ايگزيڪيوٽو انجنيئر رائيس ڪئنال، ايگريڪيوٽو انجنيئر  روڊس ڊپارٽمينٽ لاڙڪاڻي کي حڪم ڏنو آهي ته 20 ڏينهن اندر غيرقانوني سِرن جا بٺا ۽ دڪانن جي اڏاوت ختم ڪرائي قبضي هيٺ آيل ملڪيت آبپاشي کاتي جي حوالي ڪري اهڙي رپورٽ ٽربيونل ۾ جمع ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.