جيڪب آباد ۾رولو ڪتن جو آزار، 12 ماڻهو زخمي

جيڪب آباد (ڊ ر)  جيڪب آباد۾ رولو ڪتن چئن ٻارن سميت 12 ماڻھن کي ڏاڙھي وڌو، زخمين کي جمس اسپتال مان وئڪسين  ڪرائي گھر روانوڪيو ويو ڪتا مار مهم به ناڪام ٿي وئي رولو ڪتن جي خوف سبب خلق پريشان ان سلسلي ۾ جمس اسپتال جي ترجمان خالد احمد سومرو رابطي تي صحافين کي تفصيل ڏيندي ٻڌايو ته  ھڪ ڏينھن ۾ ڪتن جا ڏاڙھيل 12 نوان ڪيس آيا جن کي جمس اسپتال مان وئڪسين ڪري گھر روانو ڪيو ويو ۔12زخمين مان 6 جو تعلق جيڪب آباد سان، 5 جو تعلق بلوچستان ۽ ھڪ جو تعلق شڪارپور سان آھي ۔ زخمين ۾ جن جو تعلق جيڪب آباد سان آھي انھن ۾ احمد علي عارباڻي، مير حسن کوسو، ثنا کوسو، شوڪت بروھي، جمال خاتون لاشاري۽ عبدالنبي منگي۔ جڏھن ت بلوچستان سان جن جو تعلق انھن ۾ ممتاز بروھي، سبحانا کوسو، محمد ھارون بگٽي، سجاد نندواڻي ۽ نصيب بگٽي آھي۔ شڪارپور  سان جن جو تعلق ان ۾ عبدلرئوف آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.