ٺٽي ۾ ڪتن جو آزار، شهري ڏاڙهجي زخمي

ٺٽو (ڊ ر) ٺٽي ۾ رولو ڪتن جو آزار، انتظاميہ ڪتا مار مھم شروع نہ ڪري سگھي، وڌيڪ ھڪ شھري کي ڪتن ڏاڙھي زخمي ڪري  وڌو، ڪيس داخل نہ ٿيو. ٺٽي ۾ ڪيترن ئي ڏينھن کان رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آھي پر انتظاميہ عدالتي حڪم باوجود رولو ڪتن کي مارڻ واري مھم شروع نہ ڪري سگھي آھي، جنھن ڪري شھرين جون زندگيون غير محفوظ بڻجي ويون آھن. ان سلسلي ۾ ٺٽي شھر جي وارڊ نمبر 4 جي رھواسي محمد عارب صابرو کي رولو ڪتن ڏاڙھي سخت زخمي ڪري وڌو، کيس سول اسپتال مڪلي ۾ ڪتي جي زھر کان بچاءُ واري ويڪسين لڳائي وئي. جڏھن تہ عدالتي فيصلي تحت جنھن بہ علائقي ۾ رولو ڪتن شھري کي ڏاڙھيو تہ ان جو ڪيس حد جي ايڊمنسٽريٽر مٿان داخل ڪيو ويندو پر عدالت جي اھڙي فيصلي تي بہ عمل نہ ٿي سگھيو آھي. واضح رھي تہ ھڪ ھفتي اندر مختلف علائقن ۾ رولو ڪتن 25 کان مٿي رھواسين کي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو آھي پر انتظاميہ رولو ڪتن کي مارڻ واري مھم ھلائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.