مٺياڻي پريس ڪلب جي سال 2021 لاءِ چونڊ ،امير علي ملڪ جنرل سيڪريٽري ٿي ويو

مٺياڻي ( رپورٽر ) پريس ڪلب مٺياڻي جي سال 2021   لاءِ چونڊ سينيئر صحافي مسرور چانڊيو جي نگراني ۾ ٿي گذري، جنھن ۾ سمورا عھديدار بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنا ويا . جن ۾ صدر خالد فراز مشوري ، سينئر نائب صدر رياض حسين چانڊيو ، نائب صدر منظور علي  ملڪ ، جنرل سيڪريٽري امير علي ملڪ ، جوائنٽ سيڪريٽري عجيب علي سولنگي ، ڊپٽي جوائنٽ سيڪريٽري فدا حسين شيخ ،،خزانچي صورت مسرور چانڊيو , پريس سيڪريٽري فداحسين سولنگي ،  آڊيٽر وقار حسين سھتو  ، آفيس سيڪريٽري ذاڪر علي شاھ ، اطلاعات سيڪريٽري منور علي سولنگي   کي چونڊيو ويو . جڏھن ته ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي ۾ مختيار احمد سھتو ، نظام الدين مشوري ،  خليل الرحمان مشوري ،  ناظم الدين مشوري ۽ ڀورل ڀٽي  شامل آھن.

مبارڪپور ۽ ڀرپاسي رولو ڪتن جو آزار، 12 ڄڻا زخمي

مبارڪپور ( ن ع آ) مباررڪپور لڳ اڪرم بهراڻي ڳوٺ ۾ رولو ڪتن 4  ڄڻن کي ڏاڙي  سخت زخمي ڪري چڏيو جن کي وارث مقامي اسپتال کڻائي ويا جتي کين ڪتي چڪ جي ويڪسين نہ هجڻ تي جيڪب آباد ميڊيڪل انسٽيوٽ (جمس) کڻائي ويا ،جمس اسپتال پنهنجون ذميواريون نڀائيندي زخمي ٻارن کي ويڪسين ڪرڻ کان پوء گهر اماڻي ڇڏيو ،جمس جي ميڊيا ڪو آرڊينيٽر خالد علي سومرو طرفان  پريس رليز جاري ڪئي وئي ترجمان مطابق اڄ 4 بارن ۽ هڪ عورت سميت 12 ڄڻن کي ڪتي چڪ جي ويڪسين ڪئي وئي آهي جن جو مختلف علائقن سان تعلق آهي جن ۾ جيڪب آباد شھر 5 ڄڻا مير حسن کوسو ،احمد علي عارباڻي ،شوڪت علي بروهي ،۽ هڪ عورت جمال خاتون لاشاري ، عبدالنبي منگي بلوچستان کان ممتاز بروهي ، سبحان کوسو ،محمد هارون بگٽي ۽ شڪارپور کان عبدالرئوف کي ڪتي چڪ جون ويڪسين ڪري گهر اماڻي ڇڏيو ،ميڊيا ڪو آرڊينيٽر خالد علي سومرو پنهنجي جاري ڪيل پريس رليز ۾ ڄاڻايو تہ جمس اسپتال  سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن جي مدد لاء 24 ڪلاڪ سروس ڏئي رگي آهي.

سرحد ويجهو بااثر جو ڳوٺاڻن تي تشدد، 3 ڄڻا زخمي

سرحد (ن ع آ) سرحد ويجھو ڳوٺ ڦيڪراٺو ۾ بااثر پاران ڳوٺاڻن تي سخت تشدد، نينگر سميت ٽي ڄڻا زخمي، پنهنجي  مڇي جي تلاءُ تان مڇي ماري رهيا هئاسين ته ڳوٺ جي بااثر وڏيري علي مراد مهر واٺن سان گڏجي اسان مٿان حملو ڪري ڏنو، ڳوٺ بدر ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهيو آهي، ايس ايس پي گھوٽڪي نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري رحمت علي ۽ ٻيا، تفصيل موجب سرحد ويجھو ڳوٺ ڦيڪراٺو ۾ بااثر وڏيري اڳوڻي يوسي چيئرمين علي مراد مهر پنهنجن واٺن سان گڏجي سندس ڳوٺ ويجھو مڇي جي تلاءُ مان مڇي ماريندڙن ڳوٺاڻن رحمت علي امداد علي ۽ معصوم نينگر پير بخش مٿان مڇي چوري ڪرڻ جو الزام هڻي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو، متاثر ڳوٺاڻن پاران سرحد پريس ڪلب سرحد بااثر وڏيري علي مراد مهر مهر ۽ سندن واٺن جي خلاف احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي متاثر ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته بااثر وڏيرو ڪافي وقت کان وير پيل آهي جنهن جي دانهن سرحد ٿاڻي تي پهريان به ڏني هئي ليڪن سرحد پوليس بااثر وڏيري جي ونگار وهندي اسان کي چپ رهڻ لاءِ چيو ويو ۽ هاڻي ٻيهر هو ساڳيو بااثر وڏيرو اسان سان ڏاڍ ڪري پنهنجي ئي مڇي جي تلاءُ تي وڙهي ويو آهي، هو وقتن وقتن بنا ڪنهن جواز جي اسان سان وڙهي ٿو ۽ ڳوٺ ۽ زمين ڇڏڻ لاءِ مختلف هربا استعمال ڪري اسان کي پريشرائيز ڪري ٿو هنن مطالبو ڪندي چيو آهي ته ايس ايس پي گھوٽڪي نوٽيس وٺي بااثر وڏيري خلاف قانوني ڪاروائي ڪري گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ اسان غريبن سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.