ٽنڊي آدم ۾ چور پرائمري ماستر جو گهر ٻهاري ويا

ٽنڊوآدم ( ت ر) ٽنڊوآدم ۾ بدامني چور پرائمري ماستر جو گهر ٻهاري ويا اڻڄاتل چور گهر مان هڪ لک 90 هزار، سونازيور ۽ ٻيو سامان چورائي ويا رپورٽ موجب ٽنڊوآدم ۾ بدامنيءَ ۾ واڌ گذريل رات  ٽنڊوآدم جي طالب المولى ڪالونيءَ مان  اڻڄاتل چور سنڌي مين پرائمري  اسڪول جي  استاد امتياز خاصخيلي جي گهر مان هڪ لک 90 هزار روڪ ، سونو لاڪيٽ ، هڪ سوني منڊي ۽ ٻيو سامان چورائي ويا.

گهوٽڪي ۾بدامني چوٽ چڙهيل، پورهيت جي مينهن چوري

گهوٽڪي (ڊ ر ) عادلپور جي مختلف علائقن ۾ بدامني جي باهه ٻيهر ڀڙڪي پئي پوليس ننڊ ستل،نامعلوم چور وڌيڪ هڪ  چوري جي واردات ڪري ويا،خبر موجب عادلپور ٿاڻي جي حد ۾ بدامني جي باھ ٻيهر ڀڙڪي پئي پوليس ننڊ ستل نامعلوم چور رات جو ڳوٺ چنگلاڻي ۾ پورهيت عبدالوحيد سومرو جي گهر جي دروازي جا تالا ٽوڙي مينهن چوري ڪري ويا فرار ٿي ويا متاثر ايس ايس پي گهوٽڪي کان نوٽيس وٺي چوري ٿيل مينهن واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

جوهي مان چوري، فائرنگ، چور ڍڳي ڇڏي فرار ٿي ويا

جوهي ( ن ع آ  ) جوهي ويجهو ڳوٺ فيض محمد لنڊ ۾  گذريل رات نامعلوم چورن محمد عرس لنڊ جي گهر ۾ داخل ٿي قيمتي  ڍڳي ڪاهي چور فرار ٿي ويا بعد ۾ ڳوٺ مٺو خان لاشاري پوليس پڪٽ تي چورن ۽ پوليس آمهون سامهو ٿي ويا جتي پوليس شڪ موجب فائرنگ ڪئي جنهن تي چور ڍڳي ڇڏي فرار ٿي ويا بعد ۾  جوهي ٿاڻي جي ايس ايڇ او ڀاڳين سان رابطو ڪري چوري ٿيل ڍڳي واپس ڏئي ڇڏي بعد ۾ محمد عرس لنڊ ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته ميڊيا جي مهربانين سان چوري ٿيل ڍڳي واپس ٿي آھي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.