قمبر ۾بدامني چوٽ چڙهيل، رهواسي سراپا احتجاج

قمبر (ت ر) قمبر جي باگوديرو محلي ۾ گذريل رات شرپسند عناصرن گل محمد سپر ڪريانه اسٽور کي باھ ساڙي رک ڪري ڇڏيو دڪان ۾ پيل لکين رپين جو سامان سڙي ويو اهڙي عمل خلاف باگوديرو محلي واسين  پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻن ڪارڪنن محلي کان احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ان موقعي تي اڳواڻن عامر علي گوپانگ،علي محمد گوپانگ،ڪامريڊ شوڪت چانڊيو،عرفان گوپانگ،سچل گوپانگ، سيٺ عرفان گوپانگ،پيارل پنهور،اسد الله گوپانگ،محمد علي گوپانگ،محمد علي گوپانگ رشيد گوپانگ ۽ ٻين چيو ته شهر جو امن امان تباھ ٿي ويو آهي شريف شهري واپاري خوف واري زندگي گذاري رهيا آهن پنج سال اڳ به دڪان جا تالا ٽوڙي لکين رپين جو سامان ٻهاري ويا هئا هاڻي به دڪان ۾ پيٽرول هاري ٽيهه لکن کان مٿي پيل دڪان جو سامان ساڙي رک ڪري ڇڏيو جڏهن ته شهرجي امن امان جي مسئلي تي عملدار ۽ چونڊيل نمائندا خاموش تماشائي بڻيل آهن، هنن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي ۽ ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي شرپسند عناصرن کي گرفتار ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو، هوڏانهن گاڏهي برادري ۽ شهيد ڀٽو طرفان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ خلاف نصير آباد ناڪي تي احتجاج مظاهرو ڪري پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي غلام شبير گوپانگ،ارشد گوپانگ،ثاقب علي گاڏهي،ساگرگوپانگ،منير خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته چار ڏينهن اڳ هٿيارن جي زور تي جوابدرن موٽر سائيڪل ۽ موبائل ڦر ڪري فرار ٿي ويا سٽي ٿاڻي جو ايس ايڇ او ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي شهر ڏوهارين حوالي ڪري ڇڏيو آهي هنن مطالبو ڪيو ته شهر جو امن امان بحال ڪري ڦر ٿيل سامان واپس ڪيو وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.