لاڙڪاڻي ۾ عورت قتل، مڙس گرفتار

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ شادي شده عورت مبينا طور قتل ٿي وئي، پوليس عورت جي مڙس کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏيو،  واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو. رپورٽ موجب لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد باقراڻي روڊ واري علائقي ۾ گهر اندر گولي لڳڻ سبب مسمات سرور خاتون زال عامر ڪلهوڙو سخت زخمي ٿي پئي جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي  علاج دوران عورت زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جنهن جي لاش مٿان وارث روئيندا رهيا. ان موقعي تي فوتي عورت جي وارثن صحافين کي ٻڌايو ته گهر اندر سرور خاتون جو مڙس عامر ڪلهوڙو پسٽل صاف ڪري رهيو هو ته اوچتو پسٽل مان گولي لڳڻ سبب سندس گهر واري زخمي ٿي پئي جنهن کي کڻائي علاج لاءِ اسپتال داخل ڪرايو جتي هو فوت ٿي وئي آهي. هوڏانهن فوتي عورت جو لاش اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي گهر روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٻئي طرف دڙي ٿاڻي جي پوليس فوتي عورت جي مڙس عامر ڪلهوڙو کي گرفتار ڪري ورتو. ان حوالي سان دڙي ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جي وارثن قتل جو شڪ ڏيکاريو آهي جنهن تي عورت جي مڙس کي گرفتار ڪري کانئنس جاچ شروع ڪئي وئي آهي تمام جلد حقيقتون سامهون اچي وينديون. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين اهڙو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.