تنگواڻي (ن ع آ ) ضلعي انتظاميه ۽ ڪسٽم فورس پاران ڪشمور ضلعي جي مختلف غير قانوني ۽ رجسٽرڊ نه ٿيل پئٽرول پئمپ پئٽرول پئمپ سيل تفصيل موجب اڄ ضلعي انتظاميه، ڪسٽم ڊپارٽمينٽ ۽ پوليس پاران ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جي ٻن تعلقن ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور ۾ ڪاروائي ڪندي 9 غير قانوني پئٽرول پئمپ سيل ڪيا ويا آهن ۽ مالڪن کي نوٽس پڻ ڏنا ويا آهن ياد رهي ته ضلعي انتظاميه پاران پهريان به اهڙيون ڪاروائيون ڪيون ويو آهن جڏهن ته ايندڙ وقت ۾ به غير قانوني ۽ ملاوٽ شده يا وڌيڪ اڳه وٺندڙ خلاف وڌيڪ ڪاروائي ڪئي ويندي.