چوري الزام هيٺ عورتن تي پوليس تشدد معاملو، 4 اهلڪار برطرف

دريا خان مري (ن ع آ) ايس ايس پي نوشهروفيروز الطاف حسين لغاري پاران پڊعيدن ۾ چوري الزام هيٺ پوليس اھلڪارن پاران عورتن  تي تشدد ڪري تذليل ڪرڻ واري معاملي جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ ورتل نوٽيس ۽ ان بعد جاچ لاءِ مقرر آفيسر ڊي ايس پي نوشهروفيروز اعجاز ميمڻ جي رپورٽ بعد چئن پوليس اهلڪارن شاھنواز راڄپر، سعيد راڄپر، اياز لاشاري ۽ شاھد راڄپر کي نوڪريءَ مان برطرف ڪري ڇڏيو آھي. ايس ايس پي نوشهروفيروز الطاف حسين لغاري موجب جاچ آفيسر جاچ ۾ رپورٽ ڏني آهي ته وڊيو ۾ ڏيکاريل عورتن بابت سڄي ضلعي مان اھا تصديق نه ٿي سگھي آھي ته عورتون ڪٿان جون آھن ۽ ايڊيشنل ايس ايڇ او علڻ سيال کي ان ڪري معطل ڪيو ويو ھو ته کيس ايس ايڇ او جي عارضي چارج ھئي پر ان جي موجودگي ۾ اھڙو واقعو پيش آيو ھن چيو ته ڄاڻايل واقعي جي ڪري سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ نوشهرو فيروز پوليس جي ساک خراب ٿي آھي ھن وڌيڪ چيو ته پوليس جي تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻيل متاثر عورتون ظاھر ٿي اچن ته سندن فرياد تي اھلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.