بخشارپور ۾بدامني، دڪان تان 5 لک رپيا ۽ سون ڦر

بخشاپور ( ن ع آ) بخشاپور  ۾ بدامني تي ضابطو نه آيو  ملوڪ شاه اسٽاپ تي عوامي آواز جي رپورٽر اميت ڪمار سچديو جي ڀاء واپاري امر  لال ساڌو مل جي ڪريانا جي دڪان تان 125 موٽرسائيڪل تي سوار هٿياربندن جي ڦر متاثر هندو واپاري جو چوڻ هو ته ٻٽ ٻڌل ٽن هٿياربندن هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي پنج لک روڪ رقم دڪان جو بنديون ۽ دڪان تي امانت طور رکيل 100 تولا چاندي  جون ٺهيل ڪڙيون 2 تولا سون  ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا آهن. پوليس کي اطلاع ڪرڻ بعد  واقعي واري هنڌ پهچي چورن  پويان رواني ٿي وئي ڦر واردات جي خبر پوندي ئي هندو برادري جا ماڻهون ۽ شهري وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا ان موقعي تي ھنڌو پنچايت جي مکي نريش ڪمار عوامي آواز سان ڳالھأيندي  چيو ت بخشاپور شھر ۾ وڏي واردات ٿي آھي جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ کان مطالبو ڪريون ٿاڦورن کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي ٻئي  صورت ۾ شٽر بند ھڙتال ڪئي ويندي آخري اطلائن تائين ڦر جو ڪيس داخل ڪون ٿي سگهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.