سکر( رپورٽر) مير علي ۾ شهيد ٿي ويل فوجي جوان ذيشان گڏاڻي جو مڙهه سکر آندو ويو، شهيد جي جنازي نماز فوجي اعزاز سان ادا ڪرڻ بعد کيس نئون ڳوٺ قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي، سندس جنازي نماز ۾ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ اهلڪارن سميت مختلف سياسي، سماجي، مذهبي، واپاري تنطيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ياد رهي ته فوجي جوان ذيشان گڏاڻي مير علي ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيو هو.