ٺل لڳ پوليس چڙهائي، 10 گهرن کي باهه

ٺل ( ن ع آ ) ٺل پوليس پاران ڊي ايس پي سب ڊويزن ٺل عبدالصمد سومرو جي اڳواڻي ۾ 5 ٿاڻن جي پوليس نفري ڳوٺ نيڪ محمد  بنگلاڻي، ڳوٺ محمد آدم بنگلاڻي، ڳوٺ شير خان بنگلاڻي سميت 7 ڳوٺن تي چڙهائي ڪئي، جتي پوليس ملوث جوابدارن جي 10 گهرن کي باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيو، جڏهن ته پوليس ڪوبه جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي، جوابدار پوليس جو اڳواٽ اطلاع ملڻ تي فرار ٿي ويا,پوليس جوابدارن جي گهرن ۾ بيٺل مال ڪاهي ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيو,پوليس موجب ڏيڍ مهينو اڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان ڳوٺاڻي علي مراد بنگلاڻي جو ٽريڪٽر ڦر ٿيو هو جنهن ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چڙهائي ڪئي پر جوابدار فرار ٿي ويا, جوابدارن جي 10 گهرن کي باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيو, جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ ڪوششون جاري آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.