ڪلوئي ۾ اٽي جي اسٽال تي بدنظمي، ڌڪا، پورهيت تي تشدد

ڪلوئي (رپورٽ:نواز لنڊ) ڪلوئي ۾ سستي اٽي جو اسٽال لڳايو ويو جتي اٽي جو في ڪلو 45 رپيا جي حساب سان اٽو ڏنو پئه ويو جڏهن ته ڪلوئي تعلقي ۾ اٽي جو شديد بحران هجڻ ڪري پورهيت خريدار وڏي انگ ۾ اسٽال تي پهتا ته تمام گهڻي رش هجڻ ڪري بدنظمي پيدا ٿي وئي  ۽ سستو اٽو خريد ڪرڻ لاءِ آيل پورهيتن کي ڌڪا ٺيلها ۽ تذليل سان گڏوگڏ هڪ پورهيت تي اسٽال هلائيندڙ دڪاندار پاران مبينا طور تشدد پڻ ڪيو ويو،جنهن بعد دڪان مالڪ پاران سستي اٽي جي ورهاست پڻ بند ڪئي وئي آهي. هن وقت ڪلوئي شهر سميت ٻهراڙيء جي چڪين ۽ دڪانن تي ڪڻڪ جو اٽو اڻ لڀ بڻجي ويو آهي ڪلوئي شهر ۾ انتظاميا پاران اٽو پنجاهه رپيا في ڪلو وارو اعلان، اعلان ئي رهجي ويو آهي سنتورو، سڃين موري ۽ ٻين هنڌن تي ڪڻڪ جو اٽو 50 روپيا في ڪلو بجاءِ 65  کان 75ر پيا في ڪلو بليڪ تي وڪامڻ لڳو آهي. ڪلوئي تعلقي جي ٻهراڙي جي ڳوٺن کاڙڪ، ڄار جو پتڻ، اٺ ڊهو، دودو جت، ڪيڙ ٻارو سميت ٻين ڳوٺن جي دڪانن ۽ چڪين تي ڪڻڪ جو اٽو 70 کان 80 روپيا في ڪلو ٿي ويو آهي رهواسين عاشق علي، غازي لنڊ، عزيز هالو، منظور علي، اميد علي ۽ ٻين دانهيو ته ضلعي انتظاميا پاران هر پندرهن ڏينهن ۾ ڪلوئي تعلقي جي 11 کان به وڌيڪ چڪي مالڪن کي ڪوٽا تحت سرڪاري گدامن مان ڪڻڪ پڻ ملي ٿي ان باوجود واپارين پنهنجي من ماني ڪندي هيڪل هٽي قائم ڪري ڇڏي آهي ڪلوئي تعلقي جي 11 اٽي جي چڪين مان صرف 3 چڪين تي اٽو بليڪ تي وڪرو ٿيڻ لڳو آهي جڏهن ته باقي 8 چڪين توڙي دڪانن تي اٽو اڻ لڀ بڻيل آهي جڏهن ته ضلعي انتظاميا توڙي تعلقي ڪلوئي جي مختيارڪار پاران چڪي مالڪن کان ڪوبه پڇاڻو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي رهواسين موجب مختيارڪار ڪار ڪلوئي آفيس اچڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي چڪي مالڪن کي ڪجهه ڏينهن اڳ مختيار ڪار ڪلوئي ۽ ٻين عملدارن پاران اٽي جي ڏهه ڪلو ٿيلهيء جا صرف 500 وٺڻ جو پابند بڻايو هو جڏهن ته خريدارن کان ڏهه ڪلو اٽي جي ٿيلهي تي 580 رپيا اوڳاڙيا پيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.