مانجهند لڳ ڊمپر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، 3 ڄڻا زخمي

مانجهند ( ن ع آ ) مانجهند لڳ لڪي شاهه صدر ڀرسان ڇٽا هوٽل انڊس هاءِ وي تي ڊمپر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ سيوهڻ واسي 3 ڄڻا ارباب علي اوٺو علي رضا اوٺو محمد جمن اوٺو زخمي ٿي پيا جن کي مقامي ماڻھن تعلقه اسپتال سيوهڻ منتقل ڪيو ٿيٻاٽ پوليس ڊمپر کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

ٽنڊي غلام حيدر لڳ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا زخمي

ٽنڊوغلام حيدر (ن ع آ) ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان انصاري شوگر ملز حيدرآباد_بدين روڊ تي تيزرفتار ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار لکو ڪولھي ۽ ھڪ عورت راڌها ڪولھي سخت زخمي ٿي پيا،اطلاع تي ٽنڊوغلام حيدر پوليس حادثي واري هنڌ پهچي زخمين کي ٽنڊوغلام حيدر جي سرڪاري اسپتال آندو جتان ڊاڪٽرن پاران لکو ڪولھي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد سيول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو جڏھن ته آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس وغيره داخل ناھي ٿي سگهيو.

ڪنري  اٽي چڪي ۾ ڪپڙو ڦاسڻ سبب پورهيت زخمي

ڪنري (ت ر) اٽي جي چڪي ۾ ڪپڙو ڦاسڻ سبب پورھيت زخمي ٿي پيو. ڪنري مک ميرپورخاص روڊ تي اٽي جي چڪي جي صفائي دوران ڪپڙو ڦاسڻ سبب اميرآباد پاڙي جو پورھيت مشتاق راجپوت سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي تعلقي اسپتال ڪنري آندو ويو. ٻُڌايو پيو وڃي ته پورھيت پاران اٽي جي نئين چڪي کولي پئي وئي ۽ چڪي جي صفائي دوران ڪپڙو ڦاسي پيو صفائي دوران چڪي ھلندڙ جنھن سبب ڪپڙڪ ڦاسي پيو ۽ لپيٽ ۾ اچڻ سبب ھو زخمي ٿي پيو. ھوڏانھن پورھيت کي تعلقي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آھي.

ڳڙهي ياسين ۾ اٽي جي چڪي ۾ وچڙي مزدور سخت زخمي

ڳڙهي ياسين ( ن ع آ ) ڳڙهي ياسين شهر چنه محلا ۾ اٽي جي چڪي ۾ ڪم ڪن  دڙ 40 ورهين جي ملهار ٻرڙو جي ٻانهن  پٽي ۾ وچڙي  جسم کان ڌار ٿي ڪٽجي وئي ، جنهن کي زخمي حالت ۾ ڳڙهي ياسين رورل ھيلٿ سينٽر آندو ويو ،جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کيس لاڙڪاڻو اسپتال اماڻيو ويو آهي.

ڪنري لڳ نوجوان زهريلي دوا پئي آپگهات ڪوشش ڪئي

ڪنري (ت ر ) نبي سر روڊ ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ فقير محمد ھاشم بلالاڻي ۾ شادي شده 20 سالن جي نوجوان رميش ڪمار ولد وقتو ڪولھي پنھنجي گھرن جي ڀرسان زھريلي دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، نوجوان کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ تعلقي اسپتال ڪنري آندو ويو. جتي ڊاڪٽرن پاران علاج جاري ھو، ٻُڌايو پيو وڃي ته نوجوان 1 ٻار جو پيءُ آھي، گھرو اڻبڻت تان خودڪشي جي ڪوشش ڪئي آھي. آخري اطلاع تائين اصل ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو ھو. ھوڏانھن نوجوان جي طبيعت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي.

شهدادپور لڳ ڇاپي ۾ منشيات هٿ، جوابدار گرفتار

شھدادپور (ن ع آ ) رات دير سان شھدادپور پوليس شھر لڳ ٽنڊو آدم روڊ تي سردار شڪور بروهي اسٽاپ لڳ چڙهائي ڪري ظهور بروهي جي اوطاق  تي ڪوئيٽا کان روڊ رستي پھچي لھندڙ انساني موتمار انڊين نشي  آور سفينا آداب تاج محل زيڊ اي ڪي جي اين ڊي مين پڙي ۽ گٽڪي سان ڀريل رات جي راڻي ٽرالر ۽ ھڪ مزدا  کي ڊرائيورن  سميت پڪڙي تحويل ۾ وٺي جوابدار ظهور بروهي کي گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪندي ٿاڻي تي آڻي ڪيس داخل ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو ان سلسلي ۾  شھدادپور پوليس ٻڌايو ته هڪ ڳجهي اطلاع ملڻ تي  شھدادپور پوليس جي اٽالن سردار شڪور بروھي اسٽاپ لڳ  ظھور بروھي جي اوطاق تي ڪاروائي ڪري کيس گرفتار ڪري سندس اوطاق تي ٽرالر مان لھندڙ ڪروڙين روپين جي سفينا زيڊ اي ڪي تاج محل  آداب  مين پڙي جي پڙين جي وڏي کيپ سان ڀريل 10 ويلر ٽرالر پڪڙي  شھدادپور ٿاڻي تي آڻي جوابدار ظھور بروھي تي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ھن ڇيو تہ ٽرالر مان 15 ٻورا انڊين آداب 13 ٻورا انڊين سفينا42 ٻورا جي اين ڊي 46 ٻورا زيڊ اي ڪي1 ٻورو تاج محل 220 ٻورا مين پڙي ۽ 46 ٻورا بوسو جا ھٿ ڪيا ويا آھن  اهڙن سماج دشمن سفيد پوش عناصرن کي هٿ ڪرڻ سان ئي نشي آوور شين تي مڪمل ضابطو.اچي سگهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.