فريد آباد ۾ کنڀي گم ڪيل ٻن ڀائرن جي آزادي لاءِ بک هڙتال

فريد آباد ( رپورٽ: معشوق چانڊيو ) فريدآباد ۾ 9 مھينا اڳ جبري طور کنڀي گم ڪيل ٻن ڀائرن امتياز ۽ رياض جي وارثن پاران ھڪ ڏينھن اڳ شروع ڪيل  مسلسل 56 ڪلاڪ علامتي بک ھڙتال ٻئي ڏينھن تي  به جاري رھي.بک ھڙتال ڪئمپ تي شھري. سياسي سماجي اڳواڻ رياض ۽ امتياز جا وارث بزرگ ۽ ٻارڙا سڄي رات انتھائي ٿڌ ۾ ويٺا رھيا ٿڌ ۽ بک سبب ٻن نوجوانن اسد الله سنڌي ۽ صداقت خاصخيلي جي طبعيت ناساز ٿي وئي نوجوانن جي آزادي جي زوردار نعرن سان گھر ڪئي وئي، جڏھن ته بک ھڙتال دوران آرگنائيزر راجا مزمل خاصخيلي سندس ڀاءُ حاجي خان خاصخيلي، اسدالله سنڌي، عارف عمر، صفدر حسين، بشير سنڌي، اعجاز علي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي نوجوانن کي بي گناھ کنڀي 9 مھينن کان مٿي عرصو گذري چڪو آھي پر ھينئر تائين سندن جو ڪو ڏس پتو ڪونھي، هنن جو ڪوبه ڏهه آهي ته کين ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.