حيدرآباد ۾ عدالتي حڪم تي ڇاپو، اغوا ڪيل 2 عورتون آزاد

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي قاسم آباد ۾ عدالت جي حڪم تي اغوا ڪيل 2 عورتون بازياب، ڪيس داخل. عورتون وارثن  حوالي. خبر موجب حيدرآباد ايڊيشنل سيشن جج نمبر 9 جي عدالت ۾ قاسم آباد جي ڏومرا ڳوٺ جي رهواسي درخواستگذار ساجد لاشاري وڪيل شير دل انصاري معرفت درخواست داخل ڪرائي ته مولا بخش دستي ۽ مختيار دستي سندن وارث عورتن 25 ورهين جي نازيه ۽ 50 ورهين جي شمع کي شادي جي نيت سان زبردستي اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي. جن کي بازياب ڪرايو وڃي. عدالت درخواست تي شنوائي ڪندي ڀٽائي نگر پوليس کي حڪم ڏنو ته عورتون بازياب ڪرايون وڃن.  ان ڏس ۾ پوليس هڪ هنڌ تي ڇاپو هڻي عورتن کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو. 164 جي بيان بعد عورتن کي وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته ڀٽائي نگر ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.