خيرپور ۾ ڳوٺاڻن جو عورتن سميت پورهيت جي آزادي لاءِ احتجاج

خيرپور ( ڊ ر ) خيرپور جي ڳوٺ صدورو جانوري جي رهواسي عورتون ۽ مردن پورهيت جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب خيرپور اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ،احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙذاولفقار علي جانوري ،سڪندر علي ،شمشاد خاتون،مسمات روينا ،مسمات پپني ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ،اڳواڻن ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته پنج سال اڳ علائقي جي بااثرن  پپو لٻاڻو ، علي گل لٻاڻو ، گدا حسين جانوري ، وڏل رند ، اسان جو ڀاءُ جاويد علي جانوري کي ڪوئٽا ۾ مزدوري  ڪرڻ جي بهاني وٺي ويا ،جنهن جو هن محل تائين ڪوبه ڏس پتو ناهي آهي ،نه هي اسان جي ڀاءُ پنجن سالن جي دوران ڪو رابطو ڪيو آهي هنن چيو ته اهڙن بااثرن خلاف پوليس ۽ اعليٰ اختيارن کي درخواستون پڻ ڪيون هيون، جنهن بعد اي ايس پي سٽي وٽ  انڪوائري  ۾ هنن تسليم ڪيو هو ته جاويد کي اسان ڪوئٽا وٺي ويا آهيون . مزدوري لاءِ پر هنن جاويد جو ڪوبه ڏس پتو نه ڏنو آهي،  ۽ انهن کي پوليس بااثر هجڻ جي ڪري آزاد ڪري ڇڏيو  آهي ، هنن ڊي آءِ جي سکر ، ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين  وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته  اسان جي پورهيت ڀاءُ جاويد جانوري کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي ۽ بااثرن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.