لاڙڪاڻي مان کنڀيل نوجوان آزاد نه ٿيا، وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل ٻن نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارثن پنهنجي پيارن جي تصويرن  وارا بئنر کڻي ڪالھ به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي اقصيٰ دايو، افسانه دايو، عبدالڪريم ٽڳڙ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته 29 مئي 2017ع تي لاڙڪاڻي شهر جي نظر محلي مان پورهيت درزي انصاف دايو کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي ۽ 3 آگسٽ 2018ع تي شهر ايوب ڪالونيءَ مان پرائمري استاد ڪاشف علي ٽڳڙ مان کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جن جو هن وقت تائين ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، پيارن جي  کنڀجڻ کان پوءِ اسان انتهائي پريشان ٿي ويا آهيون، نوجوانن جي آزادي لاءِ اسان مسلسل احتجاج ڪري اعليٰ اختيارين کي اپيلون ڪري رهيا آهيون پر افسوس جو هن وقت تائين ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو. هنن چيو ته اسان جا نوجوان ڪنهن به ڏوهاري سرگرمي ۾ ملوث نه آهن ۽ نه ئي وري سندن مٿان ڪو ڪيس داخل آهن. . هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته کنڀي گم ڪيل ٻنهي نوجوانن کي آزاد ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.