اوٻاوڙو ۾مبينا پوليس مقابلو، ڏوهاري زخمي حالت ۾گرفتار

اوٻاوڙو ( رپورٽ : عبدالحئي ڇڄڻ ) اوٻاوڙو پوليس جي ڏھارين خلاف ڪامياب ڪاروائي ايس ايڇ او قلب عباس شاھ نفري  سميت رات جو گشت دوران اوٻاوڙو ٿاڻي جي حد وسطي جيوڻ شاھ لنڪ روڊ ماھي واھ جي پل وٽ پھتو ته ڏوھ جي ارادي سان بيٺل ڏوھارين پوليس کي ڏسي پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني پوليس ۽ ڏوھارين ۾ مقابلو ٿي پيو پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ھڪ ڏوھاري گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو پوليس ڏوھاري کي زخمي حالت ۾ پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو  جڏھن ته ٻياڏوھاري رات جي اونڌائي جو فائدو وٺندي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا گرفتار ٿيل ڏوھاري جي سڃاڻپ جيڪب آباد جو رھواسي ھيبت ولد خير محمد لاشاري طور ڪئي وئي گرفتار ٿيل جوابدار سنڌ جي مختلف ضلعن ڪراچي گھوٽڪي شڪارپور جيڪب آباد۾ موٽر سائيڪل ڦر چورين سميت ڪيترن ڏوھن ۾ گھربل ھيو.ايس ايس يي عمر طفيل ٻڌايو ته جوابدار وڏو ڏوھاري آھي ۽ ان گرفتار ٿيل ڏوھاري تي ڪيس داخل آھن ان جو ٻين ٿاڻن کان معلومات ورتي پئي وڃي فرار جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو مختلف علائقن ۾ ناڪابندي ڪري ڇاپا جاري آھن، جوابدار تي بغير لائسنس پسٽل رکڻ ۽ پوليس مقابلي جو ڪيس اخل ڪيو ويو ايس ايس پي عمر طفيل سٺي ۽ ڪامياب ڪاروائي تي  ایس ایچ او ۽ ان جي ٽيم تي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.