سنڌ کي شهيد فاضل جهڙي ڪردار جي ضرورت آهي:اياز پليجو

حيدرآباد( پ ر) قومي عوامي تحريڪ پاران 17 جنوري تي شھيد فاضل راھوجي 34 ورسي سڄي سنڌ ۾ملھائي ويندي قومي عوامي  تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي شھيد فاضل راهو جھڙي ڪردار جي ضرورت آهي فاضل راھو سنڌ جي انقلابي سياسي آڪاش جو چمڪندڙ ستارو آهي جنهن جي روشني اڄ بہ سنڌ جي مظلوم طبقن لاءِ مشعل راھ آھي شھيد عوام فاضل راھو ھميشہ آمرن ۽ ظالمن خلاف علم بغاوت بلند ڪيو ۽ جيل ڪاٽيا اڄ سنڌ جنھن مشڪل چيلنجن کي منھن ڏئي رھي آھي ان ۾ شھيد فاضل راھو جي ڪمي محسوس ٿي رھي آھي اياز لطيف پليجي چيو تہ شھيد فاضل راھو اسان لاءِ ھڪ يونيورسٽيءَ جي حيثيت رکندو هو جنھن اسان کي ھميشہ مظلوم عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجھد جو درس ڏنو  فاضل راھو ظلم جي ھر ڪاري رات خلاف وڙھندي پنھنجي زندگي گذاري شهيد فاضل انقلابي شعور رکندڙ دلير اڳواڻ ۽ شينهن مڙس ھو. ھن پنھنجي سموري زندگي ناانصافين خلاف جدوجھد ڪندو رهيو  اياز لطيف پليجي چيو تہ شهيد فاضل ھر ايندڙ مصيبتن جو دليري سان مقابلو ڪيو. ھن مظلوم قومن جي حقن لاء آواز اٿاريو. ھن ظالم جي خلاف وڙھڻ جو حوصلو ڏنو.پاڻ سنڌ تي ٿيندڙ ظلم خلاف وڙھندو رهيو نيلام بند ڪريو. ون يونٽ ختم ڪريو. 4 مارچ. سنڌي ۾ لسٽون ڇپايو. صحافين جي جدوجهد. 83 تحريڪ. 86 تحريڪ. انھن سڀني جدوجھدن۾ شھيد فاضل جو ڪردار شاندار رھيو. اياز لطيف پليجي چيو تہ شھيد فاضل راھو جمھوريت جي بحالي، ھارين ۽ مظلوم عوام لاء تاريخي جدوجھد ڪئي۔ آمريت جي پيروڪارن کيس انھي پاداش ۾ شھيد ڪرائي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.