گهوٽڪي ۾مبينا پوليس مقابلو، ڏوهاري زخمي حالت ۾گرفتار

گهوٽڪي( ڊ ر ) ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل جو چوڻ آهي ته وسطي جيوڻ شاهه پوليس جو بچا بند ڀرسان گشت دوران ڏوهه  جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين مقابلي ٿي پيو جنهن بعد هڪ ڏوهاري نظام الدين پٽ عبدالغفور جاگيراڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي.ايس ايس پي موجب ته بچا بند ڀرسان ٽي ڏوهاري ڏوهه جي ارادي سان بيٺل هئا جن پوليس کي ڏسندي فائرنگ ڪري ڏني،پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ٻه ڄڻا فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.جڏهن ته زخمي کي اوٻاوڙو جي تعلقيٰ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ايس ايس پي عمر طفيل جو چوڻ هو ته گرفتار جوابدار،اوٻاوڙو ۽ کينجو سميت مختلف ٿاڻن تي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل آهي.سندس چوڻ هو ته ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن به شروع ڪيو ويو آهي.ٻي پاسي ايس ايس پي طرفان ڏوهارين سان مقابلو ڪندڙ اي ايس آءِ عزيز ملهڻ سميت پوري  ٽيم کي شاباش پڻ ڏني وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.