وفاق جو ضد، صوبن جا حق ۽ ملڪ جو مستقبل

ايڊيٽوريل

رپورٽن موجب وفاق وري سنڌ جي ٽن اسپتالن جناح اسپتال، اين آءِ سي وي ڊي ۽ اين آءِ سي ايڇ وفاق حوالي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪريو  ڇڏيو آهي، ڄاڻايل ٽنهي اسپتالن ۾ عوام جو علاج تقريبن مفت ۾ ٿيندو آهي، جن مان اين آءِ وي سي ڊي ملڪي سرحدن کان اڳتي وڌي بين الاقوامي سطح تائين مڃتا ماڻي چڪي آهي، جتي دل جي سمورين بيمارين جو علا ج جن ۾ دل جي والوز جي تبديلي، باءِ پاس سرجري، اينجيو گرافي ۽ اينجيو پلاسٽي شامل  آهن مفت ۾ ڪيو ويندو آهي، ايتري قدر جو اين آءِ وي سي ڊي جون سنڌ جي ڪيترن کي شهرن ۾ اسپتالون ۽ فوري طبي امداد ۽ چڪاس مرڪز قائم ڪيا ويا آهن، اين آءِ  وي سي ڊي  دل جي بيمارين متعلق ملڪ جو پهريون ادارو آهي جيڪو سنڌ ۾ قائم آهي ۽ ترقي ڪري پيو، جنهن ۾ ملڪ جي ٻين صوبن سميت پرڏيهي ملڪن افغامستان، ايران، بنگلاديش ۽ گڏيل عرب اماراتن جا مريض اچي ڪامياب ۽ مفت علاج ڪرائي چڪا آهن.

هي ڪو پهريون دفعو نه آهي جو  وفاق سنڌ جي ٽنهي اسپتالن تي قبضي جي ڪوشش ڪئي آهي ان کان اڳ به وفاق سنڌ جي ٽنهي اسپتالن تي قبضي جي ڪوشش ڪئي هُئي جنهن تي سنڌ حڪومت، سنڌ جي سول سوسائٽي ۽ سنڌي سماج احتجاج ڪيو هو، سنڌ حڪومت جي اهڙي سخت احتجاج بعد وفاق پنهنجو فيصلو واپس ورتو هو، سنڌ حڪومت گذريل ڪيترن ئي سالن کان اربين روپين جي خرچ ۽ ڏينهن رات جي محنت بعد انهن ادارن کي ڪامياب بڻائي عوام کي صحت جون مفت سهولتون فراهم ڪري رهي آهي.

اها ڳالهه قطعي طور تي سمجهه ۾ اچڻ جهڙي نه آهي ته آخرڪار  وفاق کي سنڌ جي انهن ٽنهي اسپتالن کي پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي، جڏهن ته 18- ترميم بعد صحت صوبن جو اسم آهي ۽ وفاق ۾ صحت جي وزارت به نه آهي ته پوءِ آخر ڪار سنڌ جي اسپتالن تي قبضي کانپوءِ ان جو انتظام ڪنهن جي ماتحت هوندو اهو هڪ الڳ سوال آهي، جڏهن ته وفاق پاران اهڙو ڪوبه سبب نه پيو ڄاڻايو وڃي ته اسپتالن کي وفاق ڪهڙي سبب ۽ مقصد ڪري پنهنجي انتظام هيٺ وٺڻ چاهي ٿو.

ان کان اڳ به وفاق سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي لاءِ صدارتي آرڊيننس ذريعي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي سنڌ جي عوام ناڪام بڻائي ڇڏيو، سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن تي قبضو صدارتي آرڊيننس جاري ڪري ڪيو ويو ، جنهن جو مدو هن وقت ختم ٿي چڪو آهي پر افسوس جوڳي صورتحال اها آهي ته انهن ٻيٽن خاص ڪري سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جو قبضو برقرار آهي، جيڪا ڳالهه اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي ته وفاقي اختياريون ۽ انهن جا فيصلا قانون ۽ آئين کان مٿاهان آهن.

اسان اها ڳالهه به سمجهڻ کان لاچار آهيون ته آخرڪار وفاق آرڊيننسز ۽ نوٽيفڪيشن ذريعي صوبن جي ادارن ۽ جاگرافيائي ملڪيتن ۽ وسيلن تي قبضي جو حق ڪيئن ٿو رکي جڏهن ته آئين کيس اهڙي قسم جي ڪا به اجازت نه ٿو ڏئي ته پوءِ آخرڪار وفاقي اختيارين کي اهڙا غير آئيني قدم کڻڻ جي جرئت ڪئين ٿي ٿئي.

پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ آهي، اسين سمجهون ٿا ته ڪنهن به وفاقي ملڪ ۾ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ هڪ آئيني ۽ عمراني معاهدو ضرور هوندو آهي، جيئن دنيا جي ٻين وفاقي ملڪن ۾ آهي، خاص ڪري دنيا جي انهن وفاقي ملڪن ۾ جيڪي گهڻ قومي آهن جيئن پاڪستان آهي، اهڙي ئي نموني ڪئناڊا، ارجنٽائين ۽ نيپال آهن، جڏهن ته دنيا جا ڪيترائي وفاقي ملڪ ريپبلڪن طرز جا آهن، انهن سڀني وفاقي ملڪن ۾ وفاق جي ايڪن جا فرض ۽ حق ۽ وفاق جون ذميواريون ۽ انهن جون وفاق ڏانهن ذميواريون طئه ٿيل هونديون آهن، پاڪستان به هڪ وفاقي ملڪ آهي جنهن ۾ صوبن/ ايڪن ۽ وفاق جون ذميواريون طئه آهن ته پوءِ وفاق کي اهڙي جرئت ڪيئن ٿي ٿئي ته آئين ۾ طئه ٿيل معاهدي کان هٽي ڪري ۽ ان کي پائمال ڪري صوبن جا ادارا پنهنجي قبضي ۾ وٺي.

اسپتالون سروسز جا ادارا آهن جيڪي انتهائي فوري توجهه، بهترين انتظام ۽ اڻ ڳڻيون سهولتن جا گهرجائو هوندا آهن، سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت تي تنقيد ڪري سگهجي ٿي، سنڌ حڪومت جي سمورن ادارن ۽ شعبن تي تنقيد ڪري سگهجي ٿي، پر اها ڳالهه چوڻ ۾ اسان حق بجانب آهيون ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت صحت جي شعبي ۾ جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، اهڙا ڪارنامه ملڪ جي ڪنهن ٻئي صوبي سرانجام نه ڏنا آهن ۽ نه ئي وفاق جي انتظام هيٺ صحت جي ادارن سرانجام ڏنا آهن.

سوال هي آهي ته اهڙي صورتحال ۾ وفاق کي آخرڪار سنڌ جي انهن ڪامياب نموني هلندڙ اسپتالن تي قبضي ڪرڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي، جيڪو عمل مڪمل طور تي غير آئيني ۽ غير قانوني آهي، جيڪڏهن وفاق جو اهو خيال آهي ته هنن اسپتالن کي وفاق جي قبضي ۾ وٺي انهن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائي ويندي ته اسين سمجهون ٿا ته اها وفاق ۽ وفاقي اختيارين جي خام خيالي آهي، جيڪڏهن وفاق سنڌ ۾ وفاقي ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بنائڻ گهري ٿو ته، ان کي سنڌ ۾ وفاق جي انتظام هيٺ هلندڙ هاءِ ويز کي بهتر بنائڻ گهرجي جتي هر ٻئي ڏينهن حادثا ٿين ٿا ۽ قيمتي جانيون ضايع ٿي وڃن ٿيون، وفاق کي گهرجي ته سنڌ ۾ وفاق جي انتظام هيٺ هلندڙ توانائيءَ جي ادارن کي بهتر بڻائي سنڌ سميت سموري ملڪ مان توانائيءَ جو بحران ختم ڪرڻ گهرجي، وفاق کي گهرجي ته اسٽيل ملز سميت سنڌ ۾ وفاق جي انتظام هيٺ هلندڙ وفاقي صنعتي ادارن جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر بڻائي، پر جي وفاق ۽ وفاقي اختياريون ائين نه ٿيون ڪري سگهن ته کين سنڌ جي اسپتالن تي قبضي جي هوڏ تان هٿ کڻي، سنڌ کي فتح ڪرڻ جو ارادو ترڪ ڪرڻ گهرجي، اسين نه ٿا سمجهون ته وفاق جي اهڙي اڍنگي رويي سان ملڪ کي ڪو فائدو رسي سگهندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.