هڪ پريس ڪانفرنس ۽ زميني حقيقتون

سجاد ٻرڙو

گذريل ڏينهن جي لڳ ڀڳ سمورين اخبارن سيڪيورٽي ادارن جي ترجمان جي پريس ڪانفرنس کي وڏين وڏين شه سرخين سان شايع ڪيو، جنهن ۾ کوڙ ساتريون ڳالهيون اهڙيون آهن، جن تي ٽيڪا ٽپڻي ٿي سگهي ٿي.پهريان ٿورو انهن جي نشاندهي، پوءِ انهن تي ٽيڪا ٽُپڻي ڪبي.

.1 پاڪستان ۾ ڪا به منظم دهشتگرد تنظيم موجود ناهي.

.2 فوج کي سياست ۾ نه گهليو.

.3 تازو معيشت ۽ سيڪيورٽي سان گڏ ڪورونا جهڙن مسئلن کي به منهن ڏيڻو پيو.

.4 ڪنهن سان به ڪي بيڪ ڊور رابطا ناهن، اسان کي ان معاملي کان پري رکيو وڃي.

.5فوج حڪومت جو ذيلي ادارو آهي، حڪومت سڀني الزامن جو بهتر انداز ۾ جواب ڏئي رهي آهي، فوج کي نه سياسي معاملن ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي ۽ نه گِهلڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

.6 لانگ مارچ راولپنڊي اچڻ جو ڪو سبب نظر نه پيو اچي، جيڪڏهن مولانا راولپنڊي آيو ته کيس چانهه پاڻي پيئارينداسين.

اهي سمورا نقطا هڪ ئي وقت تمام گهڻا اهم آهن، تڏهن ئي ته هڪ اهم ترين اداري جي ترجمان کي انهن نقطن تي باقائدي تفصيل سان ڳالهائڻ جي ضرورت پئي، پر ڪٿي نه ڪٿي ڪا تشنگي رهجي وئي، جيڪا هيٺ ڏجي ٿي.

سڀ کان پهريون نقطي تي سوال ته جيڪڏهن پاڪستان اندر ڪا به منظم دهشتگرد تنظيم نه آهي ته پوءِ آخرڪار ڪيئن ڪڏهن ڪوئيٽا، ڪڏهن تربت، ڪڏهن وزيرستان، ڪڏهن ڪراچي، ڪڏهن لاڙڪاڻي، ڪڏهن پشاور ته ڪڏهن راولپنڊي جهڙن شهرن ۾ به دهشتگرديءَ جا وڏا واقعا پيش اچي ٿا وڃن؟، ان باري ۾ وڌيڪ جاچ ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ٻيون نمبر نقطو ته فوج کي سياست ۾ نه گهليو، هاڻي روزاني جي بنيادن تحت جائزو وٺجي ته هر ننڍو وڏو حڪومتي ترجمان باقائده فوج جو نالو کڻي چوي ٿو ته فوج تي تنقيد ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته مخالف ڌر جي ماڻهن جي بيانن جو جائزو وٺڻ سان خبر پوندي آهي ته اهي ته صرف هڪ ”مخصوص مائينڊ سيٽ“ تي تنقيد ڪندي نظر ايندا آهن، هاڻي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته اهو اشارو ڪنهن ڏانهن هيو ته ”فوج کي سياست ۾ نه گهليو“.

ٽئين نمبر نقطي ۾ معيشت، سيڪيورٽي ۽ ڪورونا جي ڳالهه ڪيل آهي، جن مان سيڪيورٽي جا معاملا ته سمجهه ۾ نه اچن پيا ته اهي ته ڪافي حد تائين ان ئي اداري کي سنڀالڻا آهن، پر معيشت ۽ ڪورونا تي پنهنجو پاڻ کي گهلي اچڻ واري ڳالهه بلڪل به هضم نه پئي ٿئي ته آخرڪار ڪيئن هڪ سيڪيورٽي ادارن جو ترجمان معيشت ۽ ڪورونا جي باري ۾ ڳالهائي رهيو آهي ۽ ان سان فائدو يا نقصان ڪنهن کي پهچي رهيو آهي.

چوٿين نمبر نقطي جو جائزو وٺڻ سان خبر پوي ٿي ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي، تڏهن ئي ته چيو پيو وڃي ته اسان کي ان معاملي کان پري رکيو وڃي، سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير جي خانداني پس منظر کان واقف ماڻهن کي يقيني طور تي خبر هوندي ته ساڻس ڪنهن رابطا ڪيا هئا ۽ کيس ڪهڙي آڇ ڪئي وئي هئي، جيڪڏهن اسان جي هڪ اهم ترين اداري جو ترجمان ان کان اڻ ڄاڻ آهي ته ان بابت ڄاڻ ضرور حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ منهنجي ناقص راءِ موجب هڪ انتهائي بهترين فارمولو جنهن ۾ پرويز الاهي ۽ شهباز شريف جا نالا شامل آهن ۽ اهڙي فارمولي سان هڪ ”نااهل“ مان هميشه لاءِ جان ڇڏائجي وڃڻ جو موقعو ملندو ته اهڙي معاملي جي ”ضرور مالڪي“ ڪرڻ گهرجي ۽ اتي ئي پنجون نمبر نقطو به اچي وڃي ٿو جنهن ۾ باقائده مڃيو ويو آهي ته فوج حڪومت جو هڪ ذيلي ادارو آهي ۽ حڪومت سڀني الزامن جو بهتر انداز ۾ جواب ڏئي رهي آهي، جيڪڏهن حڪومت سڀني الزامن جو بهتر نموني جواب ڏيڻ جي ”اهل“ هجي ها ته سيڪيورٽي ادارن جي ترجمان کي اها وضاحت ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوي ها ۽ نه  ڪو ذيلي ادارن کي سياسي معاملن ۾ گهلي ها، نه ئي وري ذيلي ادارن کي سياسي معاملن ۾ اچڻ جي ضرورت پوي ها.

هاڻي اچجي آخري ۽ اڄوڪي ليک جي سڀني کان اهم ترين نقطي تي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سربراهه پاران هڪ اعلان جنهن ۾ طاقت جو زوري مرڪز بڻايل شهر راولپنڊي ڏانهن لانگ مارچ وارو آپشن استعمال ڪرڻ واري ڳالهه ڪئي وئي آهي ته محترم سيڪيورٽي ترجمان موجب ان جو کين ڪو سبب نظر نه پيو اچي ۽ جيڪڏهن ايئن ٿيو به ته هو سڀني کي چانهن پياريندا، اها هڪ انتهائي مثبت پاليسي آهي، جيڪا ملڪي آئين ۽ قانون موجب آهي ته پاڪستان جو ڪو به شهري ڪنهن به شهر ۾ وڃي سگهي ٿو، کيس ڪٿي به احتجاج يا پر امن طريقي سان رهڻ جي اجازت حاصل آهي ۽ ڀلي پي ڊي ايم وارا وڏي انگ ۾ به راولپنڊي پهتا ته انهن سڀني کي هڪ اهم ترين اداري پاران چانهن پڻ پياري ويندي، ان موقف جي جيتري به تعريف ڪجي اها گهٽ ٿيندي، پر هتي سوال اٿي ٿو ته پوءِ آخر ڪار سنڌين کي اهڙي اجازت ڇو نه آهي، جڏهن گذريل سال 10 نومبر تي سنڌ جي هڪ تازي ٺاهيل پارٽي جنهن ۾ شامل سمورا اڳواڻ باقائده سٺي ساک رکندڙ آهن، انهن طرفان جبري گمشدگين خلاف اصل واڳ ڌڻين کي دانهن ڏيڻ لاءِ ويندڙ قافلي جي پهريان ڀٽ شاهه ۽ پوءِ ڪنڊياري ۾ رستا روڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ 30 ڊسمبر تي وري بربريت جا نوان مثال قائم ڪيا ويا، جن کي ڏسي ڪري ماڻهن والاريل ڪشمير ۽ فلسطين جا مثال ڏيڻ شروع ڪيا؟ ان قافلي ۾ نه صرف سنڌ جون نياڻيون پر انهن سان گڏ هڪ بلوچ ۽ هڪ پنجاب واسڻ امڙ پڻ شامل هئي ۽ 30 کان چاليهن ماڻهن تي ٻڌل ان پر امن ۽ نظم ۽ ضبط جا بهترين مثال قائم ڪندڙ هڪ قافلي جي سمورن ماڻهن کي روڊن ۽ رستن تي لٺيون هڻي گهليو ويو، نياڻين کي به نه بخشيو ويو ۽ سمورن کي لاڪپ حوالي ڪيو ويو، سمجهه ۾ نه پيو اچي ته جيڪي ڌريون ان لاءِ تيار آهن ته هو پي ڊي ايم جي لکين ماڻهن کي راولپنڊيءَ ۾ چانهن پيارڻ لاءِ تيار آهن، جن پاڪستان تي رات جي اونداهيءَ ۾ ڪاهه ڪندڙ ڀارتي پائليٽ اڀينندن کي چانهن پياري عزت سان روانو ڪيو، ڪلڀوشن ياديو جهڙي وحشي رت پياڪ ڀارتي ايجنٽ جيڪو هزارين پاڪستانين جي بي گناهه رت وهڻ جو ذميوار آهي، ان کي ۽ ان جهڙي ئي دهشتگرد احسان الله احسان کي سموريون سهولتون ڏنيون، (احسان الله احسان کي ته باقائده ”محفوظ رستو“ ڏيڻ جا الزام پڻ آهن) ته انهن لاءِ سنڌ مان نڪتل اهو 30 کان چاليهن عورتن ۽ مردن تي ٻڌل قافلو ايترو خطرناڪ ڪيئن ٿي ويو، جنهن کي باقائده طاقت جي ذريعي چٿڻ جي سازش ڪئي وئي؟

نه صرف اهو سڀ ڪجهه پر ان سان گڏ قافلي جي سرواڻ انعام سنڌيءَ ۽ سندس ساٿين نور باگڙي، اي ڊي راهمون، شعيب چانڊيو، شبير لغاري ۽ قافلي جي ميزبان اصغر شيخ کي دهشتگرديءَ جي قلم هيٺ ڪيس هڻائي قيد بڻايو ويو ته ڇا پاڪستان اندر ٻيو سڀني کي احتجاج ڪرڻ جو حق آهي ته پر سنڌين کي اهڙو حق نه آهي؟

اهو سوال پڇڻ جي ان ڪري به ضرورت پئي ته ڪجهه سال پهريان ماما قدير بلوچ جي اڳواڻي ۾ پڻ هڪ قافلو پيادل لانگ مارچ لاءِ نڪتو هيو، پر انهن سان اهو بربريت وارو رويو نه اپنايو ويو هئو، جيڪو ڪجهه سنڌ مان نڪتل قافلي سان ٿيو، جڏهن ته هن قافلي جو سرواڻ انعام سنڌي پهرين ڏينهن کان چٽن لفظن ۾ اهو چوندو رهيو آهي ته ”مان نه پاڪستان خلاف آهيان، نه ئي فوج خلاف، مان صرف ۽ صرف پنهنجي قوم کي جاڳائڻ ۽ انهن جي دانهن طاقت جي زور تي هن ملڪ جي بڻيل اصل حڪمرانن کي ڏيڻ ٿو چاهيان، ان لاءِ ئي مون هي لانگ مارچ ڪڍيو آهي.“پوءِ آخرڪار اهڙي ماڻهوءَ ۽ سندس قافلي سان اهڙو ظالماڻو ورتاءُ ڪهڙين بنيادن تحت ڪيو ويو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.