بريڪ ڊائون

حامد مير

جنوريءَ جي سرد موسم ۾ ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري اڌ رات جو جڏهن پاڪستان سمهي پيو هو ۽ اڌ پاڪستان سمهڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ڪجهه وڏن شهرن جا وڏا ماڻهو ويڪ اينڊ ڪري جاڳي رهيا هئا ته اوچتو ئي اوچتو سمورو ملڪ اوندهه ۾ ٻڏي ويو، جيڪي ماڻهو جاڳي رهيا هيا انهن وري پريشان ٿي ستلن کي جاڳائڻ شروع ڪيو. رات جي اونڌاهيءَ ۾ بريڪ ڊائون متعلق ڪيترا افواهه ڦهلجي رهيا هئا. جڏهن صبح ٿيو ته اهو ٻڌايو ويو ته بلوچستان جي شهر نصير آباد مان گذرندڙ ٽرانزميشن لائن تي حملو ٿيو هو جنهن ڪري بجليءَ جو نظام متاثر ٿيو ۽ سڄي ملڪ ۾ بريڪ ڊائون ٿيو آهي.اهو واقعو 2021ع جو نه پر 2015ع جو آهي جڏهن پڻ اهڙو واقعو ٿيو هو ۽ سڄي ملڪ ۾ بجلي بند ٿي وئي هُئي،.

ڇهه سال اڳ ٿيل بريڪ ڊائون دوران بجليءَ ۽ پاڻيءَ جو وفاقي سيڪريٽري يونس ڍاڳا هيو ، جڏهن ته 2021ع ۾ بجليءَ ۽ پاڻي جو وفاقي وزير عمر ايوب هيو، وفاقي اطلاعات واري وزير شبلي فراز ۽ عمر ايوب گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گڊو  ۾ خرابيءَ سبب تربيلا ۽ منگلا مان 10- هزار ميگا واٽ بجليءَ جي فراهميءَ جو سلسلو اچانڪ بند ٿي ويو. سرڪاري اختيارين جو پهريون بيان اهو ئي هيو ته گڊو ۾ خرابي ٿي وئي آهي. مون جهڙو ناچيز ماڻهو عمر ايوب خان جي بيان کي رد ڪرڻ جي جرئت نه ٿو ڪري سگهي. سرڪار پاران جيڪو بريڪ ڊائون جو اوچتو سبب ٻڌايو ويو آهي اهو ان پڙهل لکيل ماڻهوءَ لاءِ (جيڪو هڪ ائٽمي ملڪ جو شهري هُجي) مڃڻ انتهائي مشڪل آهي.

2021ع جي سال جي شروعات رڳو ملڪ ۾ بريڪ ڊائون جي ڪري نه ٿي آهي پر بلوچستان جي شهر مچ ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ 11- پورهيتن کي بي درديءَ سان قتل ڪرڻ واري عمل سان پڻ شروع ٿيو آهي.

مقتولن جي وارثن وزيراعظم کي اها درخواست ڪئي ته هو ڪوئيٽا اچي انهن جي ڏک ۾ شريڪ ٿئي، پر وزيراعظم جي اچڻ جو ڪو آثار نه پئي آيو، ان جي موٽ ۾ وفاقي حڪومت جا ڪجهه عيوضي اچي پهتا ، مقتولن جي وارثن جي اهڙي گذراش هڪ سخت موقف ۾ تبديل ٿي وئي جنهن بعد اها ڳالهه مطالبي ۾ تبديل ٿي وئي ته جيستائين وزيراعظم نه ايندو ايستائين هو پنهنجن پرين پيارن جا لاش دفن نه ڪندا، مچ سانحي جي خلاف ڪراچي، اسلام آباد ۽ لاهور ۾ احتجاج پڻ شروع ٿي ويا جڏهن ته وزيراعظم ستايلن جي وارثن پاران اهڙي مطالبي کي بليڪ ميلنگ سان تعبير ڪيو. ڇهن ڏينهن بعد هزاره قبيلي جي ماڻهن پنهنجن پرين پيارن جا لاش دفن ڪيا ۽ انهيءَ ڏينهن وزيراعظم ڪوئٽا پهچي انهن سان تعزيت ڪئي، اهڙي صورتحال ۾ حڪومت ۽ عوام جي وچ ۾ عدم اعتماد واري فضا چٽي ٿي سامهون آئي.

اهڙي صورتحال ۾ وزيراعظم کٽي ويو ۽ يارنهن لاش ۽ انهن جي عقيدت ۽ احترام ۽ اهو رشتو جيڪو عوام ۽ رياست جي وچ ۾ هوندو آهي، اهو به ڪٿي دفن ٿي ويو.

وزيراعظم جي ڪوئيٽا وڃڻ جي رد عمل ۾ اهي نعرا آهن جيڪي هزاره برادريءَ جي ماڻهن پنهنجن پيارن جا جنازه کڻندي هنيا جيڪي ٽي وي چينلز تي ته ٻڌڻ ۾ نه آيا پر سوشل ميڊيا تي ضرور ٻڌا ويا، انهن نعرن جي الزام هيٺ انهن جنازن ۾ شامل هزارين ” غدارن“ جي خلاف شوق سان ڪيس داخل ڪريو ، پر ڪو اهو ٻڌائڻ پسند ڪندو ته ملڪ ۾ ” محب الوطنيءَ“ واري جذبي کي بريڪ ڊائون ڇو لڳي ويو آهي، ملڪ ۾ غدارن جو ٽرن آئوٽ روز روز ڇو وڌي رهيو آهي؟.

ڪو وقت هيو جو رياست کي ماءُ چيو ويندو هو ۽ اها ماءُ پنهنجن ٻچن جو تحفظ ڪندي هُئي، پر هاڻي ڇا ٿي ويو آهي، اها ماءَ ڪاڏي وئي آهي، ان کي ڪٿي قيد ڪيو ويو آهي، ۽ هاڻي جنهن رياست کي عوام جي ماءُ ڪري پييش ڪيو پيو وڃي ، ٻچڙا ان کي پنهنجي ماءَ ڇو نه ٿا چون، لڳي ٿو ٻچڙن کي ان ماءُ مان ممتا نظر نه ٿي اچي، اصل ۾ ٻچڙا پنهنجي ماءُ جي خلاف نه آهن پر اهي ته پنهنجي  اصل ماءُ کي آزاد ۽ بحال ڪرائڻ گهرن ٿا.

اصل ماءُ جي بحالي ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستيءَ سان مشروط آهي، پر افسوس اهو آهي ته ملڪ ۾ قانون ۽ آئين جو به بريڪ ڊائون ٿي ويو آهي، انهيءَ بريڪ ڊائون ۾ طاقتور لاءِ الڳ قانون آهي ۽ ڪمزور لاءِ الڳ قانون آهي، انهيءَ بريڪ ڊائون جي ڪري معاشري ۾ سياست، اخلاقيات ۽ صحافت سچائيءَ کان محروم ٿي وئي آهي. معاملو رڳو سياست ۽ صحافت تائين محدود نه رهيو آهي پر معاشري ۾ اخلاقي قدرن جو به بليڪ آئوٽ ٿي ويو آهي، هر طرف انڌيرو آهي، جيڪو ماڻهو ان انڌيري خلاف آواز اٿاري ٿو ان کي وري ملڪ دشمن قرار ڏنو پيو وڃي.

غريبن جي زمينن تي قبضا ڪرڻ وارا، هائوسنگ اسڪيمن تي فراڊ ڪرڻ وارا، اسپتالن ۽ يونيورسٽين کي واپاري مرڪز بڻائيندڙ ن ۽ مذهب جي نالي تي نفترتون ڦهلائيندڙن کي محب وطن چيو ٿو وڃي ۽ جيڪي دهشت گردن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تحريري ضمانت طلب ڪن ٿا انهن کي بليڪ ميلر قرار ڏنو وڃي ٿو، پر اهڙي بريڪ ڊائون ۽ بليڪ آئوٽ ۾ اميد جا ڪجهه ڪرڻا باقي آهن.

اهي سمورا پاڪستاني جيڪي رياست جي صورت ۾ هڪ شفيق ماءُ کي ڳولهي رهيا آهن،  انهن سڀني کي گڏ ٿيڻو پوندو، ۽ مخالف ڌر جي انهن نام نهاد اڳواڻن کان پڻ هوشيار ٿيڻو پوندو، جن کي اهڙي ماءُ نه پر پنهنجا ذاتي مفاد پيارا آهن، جيڪڏهن هڪ وڏي بريڪ ڊائون کان بچڻو آهي ته انهيءَ ماءُ کي آزاد ڪرائڻو پوندو ۽ ماءُ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ٻچڙڻ کي پاڻ متحد ٿيڻو پوندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.