شبير شر جي ڪتاب ’ ڊاندرس قيدي جي ڊائري‘ جو اڀياس

شاهه محمد پيرزادو

پاڪستان جي ٺھڻ کان وٺي ابتدائي سياسي تربيت ۽ تحريڪ، ڪميونسٽن طرفان ئي ٿي آھي.انڪري جو مسلم ليگ ڪا سياسي پارٽي طور عوام ۾ موجود ڪانه ھئي. پر اھا جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي نمائنده اھڙي پارٽي ھئي جيڪا عوامي جدوجھد جي بدران اقتدار ۾ بارگيننگ ڪرڻ واري گروھ جي شڪل ۾ ھئي، انڪري ان تي منڍ کان ئي اقتدار پرستن جو قبضو ٿي ويو.

ڪميونسٽ، پاڪستان جھڙي پسمانده معاشري ۾ اجنبي ئي رھيا. آمريڪا سان پاڪستان جي دوستي ھنن کي سرڪار دشمن ڪري ڇڏيو.  انڪري ھنن جي سياست گھڻي ڀاڱي متحده  محاذ  جي شڪل ۾ آزاد پاڪستان پارٽي، نيشنل عوامي پارٽي، پاڪستان نيشنل پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي وغيره جي پليٽ فارم تان ٿيندي رھي. تنھن ھوندي به ڪميونسٽ پارٽي پنھنجو وجود ”انڊر گرائونڊ پارٽي“ طور بحال رکيو جيڪا ھڪ ڪيڊر پارٽي آھي.

پاڪستان جي شروعاتي ڏينھن ۾ ھر محاذ تي ڪميونسٽ موجود نظر اچن ٿا. مزدور يونينون ، ھاري ڪميٽيون، ۽ پريس ۾ رڳو ڪميونسٽ ئي ڪردار ادا ڪري رھيا ھئا. اھو ئي سبب ھيو جو جنرل اڪبر، ڪميونسٽن کي دعوت ڏني ته مان فوج جو تختو اونڌو ڪيان ته سياسي محاذ ۽ حڪومت توھان سنڀاليو. ڪميونسٽن ان مھم جوئي کي قبول نه ڪيو ۽ جمھوري طريقي کي ئي درست حڪمت عملي سمجھيو. ھنن جي انڪار باوجود ھنن کي راولپنڊي سازش ڪيس ۾ ڦاسايو ويو.

آمريڪا سان فوجي معاھدن جي پھرين فرمائش ڪميونسٽن تي بندش ھئي، جنھن جي بجا آوري طورجنرل ايوب خان جي دور ۾ راولپنڊي سازش ڪيس مڙھيو ويو ، ان کانپوءِ  جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ ، جڏھن نورمحمد تراڪي جو افغان انقلاب آيو ته ھڪ دفعو ٻيھر آمريڪا کي ڪميونسٽن کان خطرو محسوس ٿيو، جنھن جي نتيجي ۾ ’ڄام ساقي ڪيس ‘ مڙھيو ويو.

اھا حيرت جي ڳالھه آھي ته ڄام ساقي ڪيس، سنڌ جي نوجوانن ۾ تحرڪ پيدا ڪيو ۽ سڀني کان گھڻا سياسي نوجوان ان ئي وقت ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي فرنٽن ۾ آيا ۽ قومپرست ڌرين کي ڌڪ لڳو، پر ڪميونسٽن جو پنھنجي ڪيڊر ۾ اختلاف وڌيو.

ان ڄام ساقي ڪيس جي ھڪ جوابدار شبير شر جي جيل ڊائري ڪافي وقت گذرڻ کانپوءِ ، (ايڪٽيھه سال )منظر تي آئي آھي.

شبير شر، اعتراف ڪري ٿو ته بروقت لکيل ڊائري جا ڪجهھ حصا حسن مجتبيٰ ھٿان گم ٿي ويا ۽ ڪجھه حصا ، محفوظ ھٿن تائين پھچي نه سگھيا. ان ڪري موجوده ڊائري ڪي قدر ياداشت تي لکيل آھي. جنھنڪري شبير شر جي بعد واري سوچ ۽ تجزيا ان تي حاوي محسوس ٿين ٿا. بروقت لکيل ٽڪرا جنھن ۾ ’عدالتي بيان ‘ ۽ ڪجھ ٻيا ٽڪرا آھن . جيڪي انقلابي ڪميونسٽ جذبي سان ڀريل آھن، اھي الڳ بيٺا آھن ۽  پوءِ وارا شڪايتي لھجي ۾ لکيل ٽڪرا الڳ بيٺا آھن. اھي ھڪ ڪميونسٽ جي روداد نه ٿا لڳن. باوجود ان جي ته ھن بھادريءَ سان جيل کي منھن ڏنو پر ان قربانيءَ جو اثر ھو پاڻ ئي زائل ڪري ٿو.

’عدالتي بيان مان ڪجھ ٽڪرا ، جيڪي بروقت لکيل آھن.

’’بس جناب، مان ڏاڍو اھم قيدي آھيان. ان لاءِ نه ته منھنجو نالو ڇاھي، يا مان ملڪ جي ڪھڙي حصي سان تعلق رکان ٿو. پر ان ڪري جو بين الاقوامي سوچ جو اھڃاڻ سرخ پرچم  منھجي سڃاڻپ جومعيار مقرر ٿيو آھي.‘‘

’’ جڏھن به ڪنھن جي دل دنيا جي مڙني محنت ڪشن سان گڏجي ھڪ ئي سُر ۽ تال ۾ ڏڙڪڻ لڳندي آھي ته  ان وقت خوف مري ويندو آھي،‘‘

’’ آفيسر چيو ته ھو منھنجو دماغ درست ڪري ڇڏيندو. مون وراڻيو، مان نه رڳو سرخ سوچ جو پرچارڪ آھيان پر جيڪڏھن موقعو مليو ته اڳتي به بڻيو رھندس‘‘

’’’1952 ۾ به ايئن ٿيو ھئو، جيئن آمريڪي ٻيڙو پھتو ھئو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، امام علي نازش،  فيض احمد فيض ۽ ٻيا اڳواڻ گرفتار ٿيا ھئا. ۽ جڏھن جولاءِ 1980 ۾ سَتون امريڪي ٻيڙو ڪراچي جي سمند تي پھتو ته مونکي ڏاڍي ڳڻتي وٺي وئي ته ڏسئون ته ھاڻي ڪھڙا مجاھد ٿا پڪڙجن؟ ڇا ٿو ڏسان ته مان پڪڙيو پيو ھوس. اھوئي جولاءِ جو مھينو، اھا ئي سرخ پرچم خلاف وٺ وٺان. واقعي مان ڏاڍو ڊانڊرس ماڻھو آھيان.‘‘

’’ جناب، وري وري موت ۽ تڙپائي تڙپائي مارڻ جون ڌمڪيون، يا  انھن کان بچڻ لاءِ پنھنجن ساٿين سان غداري منھنجي لاءِ اھي ٻه رستا ڇڏيا ويا‘‘

’’ پھريان ته مونکي يقين نه پئي آيو ته مان ڪيترو ڊانڊرس آھيان، پوءِ مان ڊانڊرس ڄام ساقي کي ڪيس ۾ داخل ٿيندي ڏٺو، اھو به تشدد برداشت ڪري ڊانڊرس ٿي ويو آھي، ۽ پوءِ ٻين ساٿين کي ڏٺو، ان ئي رستي تان ھلي ايندڙ  ۽ ڊانڊرس ماڻھن کي ..مونکي ته ھي ڪيس ڊانڊرس قيدين جو تاريخي ڪيس لڳي رھيو آھي‘‘

 

’’ مونکي اھو اندازو نه ھئو ته ڄام ساقي ماڻھن ۾ ذاتي بدلو وٺڻ بجاءِ سماج کي بدلائڻ جي جدوجھد ڪري رھيو آھي. ۽ ان جو منھنجي ذھن تي ايترو اثر ٿيو جو اڄ مان قاتل رھزن بدران ھڪ ذميوار قسم جو سياسي ڪارڪن آھيان.‘‘

مٿين بيان مان ھڪ ثابت قدم ڪميونسٽ کي چڱي طرح محسوس ڪري سگھجي ٿو.

ھاڻِ اچون ٿا بدلجي ويل سوچ تحت لکيل ٽڪرن ڏانھن. جنھن مان اھو تاثر ٿو ملي ته ھن کي خواھ مخواھ ڦاسايو ويو، جڏھن ته ھن جو تعلق ڪميونسٽ پارٽي سان ھيو ئي ڪونه، ھو محض ھڪ ھمدرد ھيو. سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڪميونسٽ پارٽي انڊر گرائونڊ پارٽي ترجمان جو خطرناڪ ڪم ھڪ ھمدرد کي ڇو ڏنو ۽ ھن ڪيئن قبول ڪيو.؟

’’ ڪميونسٽ پارٽي ڪڏھن به پارٽي بڻجي نه سگھي، بس ھڪڙو گروھ ھئي‘‘

’’ ملٽري ڪورٽ وارا ته سڀني کي آزاد پيا ڪن، اسانجي سزا جو فيصلو ته پارٽي قيادت ڪيو‘‘

مونکان پارٽي سرڪلر جي باري ۾ پڇيو ويو ته مون چيو ته ٻئي ڌڙا مال تي وڙھيا آھن . سوويت يونين ٽٽڻ پيو وڃي. ھنن جو مال بند ٿيڻ پيو وڃي، سو ھاڻ ھتي وارين قوتن کي ڪميونسٽ پارٽي کي جاري رکڻ جي ضرورت ناھي‘‘

’’ غلام رسول سھتي کي مون لکت ۾ ڏنو ته اسانجي ( شبير شر، ڪمال وارثي، نذير عباسي) جي گرفتاري جو ذميوار جمال نقوي آھي.‘‘

پروفيسر جمال نقوي ۽ ڄام ساقيءَ آزاد ٿيڻ کانپوءِ پھريون ڪم اھو ڪيو جيڪو سالن کان سرڪار نه ڪري سگھي. مير ٿيٻي وارا به پارٽي ھلائي ڪونه سگھيا ، ھنن سڀني پنھنجي پنھنجي حصي جو ڪم ڪيو.‘‘

’’ڄام . سھيل کي چيو ته تون ھونئن به پارٽي دشمن سوچ رکندڙ آھين، تون ئي ھن کي (شبير شر کي) ڀڙڪائيندو رھين ٿو. مون چيو، واھ جيل به ڪاٽيون ۽ پارٽي دشمن به آھيون. جيڪي پاڻ بچائي ۽ ساٿي مارائي آيا، اھي توھان لاءِ اڄ معتبر آھن.‘‘

ڄام ساقي ڪيس جي ختم ٿيڻ سان گڏ ڪميونسٽ پارٽي به ٻن ڌڙن ۾ ورھائجي وئي ۽ عملي سياست کان ڌار ٿي وئي.  ڄام ساقي ڪيس جو ڪوبه جوابدار ڪميونسٽ نه رھيو. جيل جا ساٿي ۽ اقليتي گروپ جا جيل کان ٻاھر رھندڙ ساٿي تيستائين پارٽي سان گڏ رھيا جيستائين ڪارڪن مايوس ٿي گھر ويھي رھيا. شبير شر پنھنجي پاران ۾ لکي ٿو ته،

’’ جيڪي خواب ڏسندا ھئاسين ته جڏھن اسان آزاد ٿينداسين ته انقلاب واريون حالتون ھونديون ۽ اسان ماڻھن جي انبوھ اڳيان خطاب ڪنداسين پر مان 17 ڊسمبر 1987 ۾ آزاد ٿيس ، تيستائين دنيا ئي اجڙي چڪي ھئي.پارٽي ٻن حصن ۾ ورھائجي چڪي ھئي. جيڪي ساٿي ھڪٻئي سان پيار ڪندا ھئا اھي ھڪٻئي جي خون جا پياسا نظر آيا.ھڪٻئي تي عجيب و غريب بھتان مڙھي رھيا ھئا. اھا حالت ڏسي سينو چيرجي ويو.‘‘

پر ڊائري پڙھندي معلوم ٿئي ٿو ته اھا صورتحال جيل مان نڪرڻ کانپوءِ نه پر شبير شر جي جيل جي دوران ئي ٿي چڪي ھئي. ھن کي ڪامريڊن جي روين کان شڪايت ۽ عدم اعتماد پيدا ٿيو ، جنھن جو ذڪر سڄي ڊائري ۾ ڀريو پيو آھي. نذير عباسيءَ جي شھادت ۾ ھن جو شڪ جمال نقويءَ ۾ مضبوط ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جنھن کي ڄام ساقي بي احتياتي سڏي ٿو. ٻئي طرف پروفيسر جمال ۽ ڄام جو سھيل سانگي تي اعتماد گھٽ ڏيکاريل آھي.

ٻي ڳالھه جيڪا محسوس ٿئي ٿي اھا رفيق صفي ڏانھن رويي مان ملي ٿي، شبير شر ھن کي آمريڪي جاسوس ۽ ڪميونسٽ دشن سڏي ٿو، پر ساڳي ڪيس ۾ جيل جي ساٿي بدر ابڙي پنھنجي ڊائريءَ ۾ ھن کي دوست ڏيکاريو آھي. انڪري پارٽي لائين سمجھه ۾ نه ٿي اچي.

ڪميونسٽن جي پاڻ ۾ ان ڇڪتاڻ آخر ڪنھن کي فائدو رسايو؟ اھو سوال اڃا حل طلب آھي.

ھي ڊائري پڙھي ڪميونسٽن سان پيار نه پر عدم اطمينان وڌي ٿو. سياسي طور تي ھيءَ ھڪ انقلابيءَ جي نه پر  دوکي ۾ آيل شخص جي ڊائري لڳي ٿي، جنھن کي انھن جيل ۾ گذاريل سالن جي زيان جو شديد احساس آھي.ان مايوسيءَ جي علامت ڪيترن ئي جملن ۾ ملي ٿي.

ان سياسي نقطي کانسواءِ ھيءَ ڊائري ان دور جي ڀرپور سياسي ڪمينٽري آھي. ۽ جيل جي زندگي جي سٺي عڪاسي ملي ٿي.

1980 جي ڏھاڪي جي ساسي تاريخ ۾ ھي ھڪ اھم دستاويز آھي. پي آءِ اي جو جھاز اغوا ٿيڻ، ايم آرڊي مومينٽ، شاھنواز ڀُٽي جو قتل ۽ لاش پاڪستان اچڻ، ۽ ٺوڙھي ڦاٽڪ جھڙا اھم واقعا ھن ۾ بحث ھيٺ آيل آھن

لکڻي به دلچسپ آھي جو پڙھندي ڪتاب رکڻ تي دل نه ٿي چوي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.