سعودي عرب ۽ قطر وچ ۾ ختم ٿيل تڪرار

خليق ميمڻ

نئين سال جي آمد سان وچ اوڀر ۾ پهرين ۽ وڏي تبديلي گذريل هفتي پنج جنوريءَ تي سعودي عرب ۽ قطر جي هڪ ٻئي لاءِ سرحدون کولڻ جو اعلان ڪرڻ سان ٿي آهي. هن تڪرار جي نبيري لاءِ ڪجهه خبرون گذريل سال نومبر ۾  ٻڌڻ ۾ پئي آيون. ياد رهي ته جون 2017 ۾ سعودي عرب قطر سان گڏ واپاري ۽ سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا هئا.

هاڻوڪين خبرون موجب قطر کي سعودي عرب ۾ شروع ٿيندڙ عرب تعاون ڪائونسل جي 41هين اجلاس ۾ پڻ گهرايو ويو. بظاهر ته ڪويت ۽ اومان هن تڪرار کي ختم ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچي رهيا هئا پر قطر جي الجزيره ٽي وي پنهنجي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته اها اڳڀرائي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ناٺي ۽ صلاحڪار جينڊ ڪشنر جي عرب ملڪن جي دورن کان پوءِ سامهون آئي، جيڪو هن ڊسمبر 2020 ۾ ڪيو هو.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ناٺي ۽ صلاحڪار جيرڊ ڪشنر جي دوري کانپوءِ ٻئي ڌريون ٺاهه جي ويجهو پهچي ويون ھيون ۽ اميد ڏيکاري وئي ته ٽرمپ جي آفيس ڇڏڻ کان اڳ ٺاهه ٿي ويندو. فلحال معاهدي جو مک نقطو قطري جهازن کي سعودي ۽ عرب امارات جي فضا مان اڏامڻ جي اجازت ڏيڻ هوندو. جنهن بعد قطر جو گهيرو ختم ٿي ويندو. ان کان اڳ اعتماد سازي جا قدم کنيا ويندا. جنهن لاءِ ڪاميٽي جوڙڻ جو امڪان آهي.

عالمي ميڊيا موجب ٻنهي عرب ملڪن جا لاڳاپا معمول تي آڻڻ ۾ جيئن مون مٿي ڏسيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو وڏو هٿ آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صلاحڪار جينرڊ ڪشتر ڊسمبر 2020 ۾ سعودي  بادشاهه محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي هئي ۽ ان ملاقات کان پوءِ هو قطر جي امير شيخ تميم بن حمدالثاني سان به مليو هو.

ياد رهي ته ساڍا ٽي سال اڳ سعودي عرب، يو اي ئي، بحرين ۽ مصر قطر تي پابنديون مڙهي قطر جو گهيرو blockade يعني ساڻس زميني، سامونڊي ۽ هوائي بارڊر بند ڪرڻ سان گڏ واپاري توڙي سفارتي پابنديون مڙهي ڇڏيون هيون. چئني ملڪ قطر تي مبينه طور تي دهشتگرد گروهن جي حمايت ۽ ايران جي اثر هيٺ هجڻ جو الزام هنيو هيو جنهن جي قطر طرفان سخت ترديد ڪئي وئي هئي.

هن وقت سعودي عرب طرفان توڙي جو لاڳاپا مڪمل بحال ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن پر تنهن هوندي به قطر ۽ يو اي ئي وچ وڇوڙا شديد ٿي ويا آهن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ نظرياتي اختلاف تند کنيو ٻيٺا آهن. جڏهن ته هڪ ٻي خبر موجب گذريل سومر ڏهاڙي بحرين پڻ قطر لاءِ پنهنجي فضائي حدون کولڻ جو اعلان ڪيو آهي تنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ٻيا گلف ملڪن جا قطر سان لاڳاپا بهتر ٿي ويندا.

بي بي سي موجب هڪ آمريڪي آفيسر جو چوڻ آهي ته سعودي عرب ۽ قطر وچ ۾ تڪرار کي ختم ڪرڻ جي لاءِ معاهدي تي صحيحون ٿينديون. سال 2017 ۾ سعودي عرب، متحده عرب امارات، بحرين ۽ مصر قطر سان لاڳاپا ختم ڪندي ڪجهه مطالبا رکيا هئا جنهن ۾ الجزيره ميڊيا نيٽ ورڪ کي بند ڪرڻ به شامل هو، پر هن وقت تائين قطر اهڙن مطالبن کي مڃڻ کان انڪار يا قبول ڪرڻ کان پاسي تي نظر اچي ٿو.

هن سڄي معاملي تي ڳالهائيندي قطري پرڏيهي وزير محمد بن عبدالرحمان الثاني پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته سعودي عرب سان ٽن سالن کان هلندڙ سفارتي ۽ سياسي تڪرار جي نبيري لاءِ ڳالهين جو عمل دير جو شڪار ٿي ويو هو. الثاني جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جي رياست ڳالهين جي عمل لاءِ هر وقت تيار هئي ۽ هن مسئلي جي حل لاءِ سنجيده هجڻ ضروري هيو، ٻي ڳالهه ته سڀ ڄاڻن ٿا ته 3 سال اڳ ڪَر کڻندڙ تڪرار جي شروعات قطر نه ڪئي هئي.

گلف ڪونسل جي اجلاس ۾ سعودي ۽ قطر وچ لاڳاپا بهتر ٿيڻ ۽ بارڊر کولڻ جي اعلان باوجود ٻنهي وچ موجود بارڊر تي هن وقت تائين ڪا به اهڙي چُرپُر ٿي نه سگهي آهي. ڪيئي ماڻهون بارڊر تي عملدارن کان اچ وچ بابت پڇندا رهيا ته آيا هُو بارڊر ڪراس ڪري وڃي سگهن ٿا پر سندن ٻڌايو ويو ته هن وقت تائين اهڙي ڪنهن به قسم جي اجازت نه آهي. ان سلسلي ۾ واضع هجي ته قطري امير جي گلف ڪونسل ۾ شرڪت ڪاڻ سعودي اچڻ تي سندس جو شاندار آدرڀاءُ ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي سعودي ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان پاڻ ڪري رهيو هيو. واضع رهي ته هِن اجلاس ۾ مصر پڻ شرڪت ڪري رهيو آهي جنهن جي نمائندگي مصري پرڏيهي وزير ڪري رهيو آهي.

هن تڪرار جي نبيري سان يقينن قطر سعودي عرب کي پنهنجي ڳالهھ تان پوئتي هٽائڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي ڇو جيڪي سعودي عرب قطر الزام لڳايا هئا، قطر نه صرف انهن الزامن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو پر سعودي طرفان ڪيل تيرهن مطالبن مان ڪجهه کي ڇڏي باقي نه مڃيا آهن مثال طور سعوديءَ چار وڏا مطالبا هيا ته قطر الجزيرا چينل کي بند ڪندو، ايران سان پنھنجا لاڳاپا محدود ڪندو، شدت پسند تنظيمن تي پابندي لڳائيندو ۽ قطر ۾  ترڪي جو ٺاهيل فوجي آڏو ختم ڪندو. قطر هن مطالبن مان هڪ به نه مڃيو آهي جنهن مان صاف ظاهر آهي ته قطر پنهنجي ڳالھ قائم رهي ڪري سعودي سان ٺاھ ڪيو ۽ سعودي جنهن سمجھيو پئي ته قطر سان لاڳاپا ختم ڪري کيس اڪيلو ڪري معاشي طور تي ڪمزور ڪجي تنهن پڻ سعودي عرب ناڪام ٿيو هو، تنهن ڪري سعودي عرب هاڻي ٺاھ ڪري قطر کي ترڪي ۽ ايران کان پري رکڻ لاءِ ڪوشش ڪندو. هيڏانهن پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاھ محمود قريشي سعودي، قطر ۽ بحرين جي پرڏيهي وزيرن سان فون تي رابطو ڪري کين مبارڪ سان گڏ گلف ملڪن جا پاڻ ۾ بهتر ٿيندڙ لاڳاپن کي ڀليڪار ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.