قمبر ( رپورٽ: محمود شيخ ) قمبر جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مقتول جي زال، ڀاڄائي ۽ ڀاءُ کي عمر قيد ۽ 2 -2 لک پيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.عدالت مقتول جي زال فرزانا کوسو، ڀاءُ مختيار کوسو، ڀاڄائي شهزادي کوسو مٿان قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ ٻه ٻه لک ڏنڊ سزا ٻڌائي جيل موڪلي ڇڏيو. جوابدارن ڪجهه مهينا اڳ شمن کوسو کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو هو.مقتول جي والد پنهنجي پٽ، ننهن ۽ مقتول پٽ جي زال خلاف قتل ڪيس داخل ڪرايو هو