ڪوشش آهي ته نالائق حڪومت کان جلد جان ڇٽي: فضل الرحمان

ڪوئيٽا ( م ڊ ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته دهشتگردي ختم ڪرڻ جي دعويٰ باوجود مچ جهڙو سانحو پيش آيو آهي،  ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته حڪومت ڪوڙ جو اعتراف ڪري، ڪوشش آهي ته نالائق حڪومت کان جلد جان ڇٽي پوي، پي ڊي ايم جا جلسا هنيئر تائين سموري ملڪ ۾ تاريخي ٿيا آهن، پي ڊي ايم سربراهه وڌيڪ چيو ته ڌانڌلي سٽيل حڪومت آهي، هي چوري ڪيل مينڊيٽ آهي، اسان ان کي تسليم نٿا ڪريون. هن چيو ته ڪوشش ته اها ئي آهي ته حڪومت گهر هلي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.