احمد فراز کي جنم ڏهاڙي تي ڀيٽا پيش، فراز جمهوريت جو ترجمان هو: بلاول

اسلام آباد(م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ناليواري شاعر مرحوم احمد فراز کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي، بلاول احمد  فراز جي 90 هين جنم ڏينهن جي موقعي تي چيو ته فراز جمهوريت جو ترجمان هو، آمرن ۽ انهن جي ڪٺ پتلين خلاف هميشه حق جي ڳالهه ڪئي، فراز عوام جي جذبن کي لفظن جي صورت ڏني، هن چيو ته هرجمهوريت پسند احمد فراز جو وارث آهي، جنهن جي ڪل ڪمائي ترقي پسند سوچ ۽ رجعت پسند اسٽيٽس ڪو خلاف مزاحمت هئي، هوڏانهن وفاقي وزير اطلاعات سينيٽر شبلي فراز اسلام آباد ۾ پنهنجي والد شاعر احمد فراز جي قبر تي وڃي فاتحه خواني ڪئي، احمد فراز پنهنجي شاعري ۾ رومانويت جي اظهار کان علاوه ظلم، جبر ۽ جمهوريت لاءِ به آواز اٿاريو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.