ڪراچي (م ڊ) وفاقي سرڪار جو مهانگائي کان ستايل عوام تي مهانگائي جو ٻيو وار، عام واهپي وارين شين جَي اگهن کي پَر لڳي ويا،اسلام آباد ۾ کنڊ 100 رپيا في ڪلو تي پهچي وئي، کليل گيهه جي قيمت 190 مان وڌي 210 رپين تائين پهچي وئي، پشاور ۾ کنڊ، چانور، گيهه ۽ دالين جي قيمتن ۾ گذريل هڪ هفتي دوران 10 کان 20 سيڪڙو تائين اضافو ٿيو، مظفر ڳڙهه ۾ 15 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 950 کان هڪ هزار تائين وڪرو ٿيڻ لڳو، بازارن ۾ شيون مهانگيون ٿيڻ بعد يوٽيلٽي اسٽورز تي گيهه ۽ تيل جَي اگهن ۾ به واڌ، گيهه 22 رپيا ۽ ڪوڪنگ آئل 27 رپيا في ليٽر مهانگو ٿي ويو، بازارن ۾ سبزين ۽ فروٽ جي اگهن ۾ به غير معمولي اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، مختلف قسم جي مصالحن جي اگهه ۾ 5 کان 15 رپين تائين واڌ ٿي آهي، ٻارن جا ڊائپر، ٽوٿ پيسٽ، هينڊ واش، ملٽي پرپز ڪلينر به مهانگا ٿي ويا، يوٽيلٽي اسٽورن تي صابڻ جي اگه ۾ ڏيڍ کان 7 رپين تائين اضافو ٿيو، سوئين جو پيڪيٽ 8 رپيا مهانگو ٿيو، يوٽيلٽي اسٽورن تي خشڪ کير، صابڻ، ڳاڙهن مرچن، لوڻ جي اگهن ۾ به وڌيڪ واڌ ٿي وئي، هڪ ڪلو ڌوئڻ جي پائوڊر جي قيمت ۾ 10 رپيا، 1.4 ڪلوگرام چانهه جي کير جي قيمت ۾ 97 رپيا، 50 گرام ادرڪ پائوڊر جي قيمت ۾ 12 کان 15 رپيا، 50 گرام مرچ جي قيمت ۾ 22 رپيا واڌ ٿي وئي،