پارليامينٽ مرده ٿي وئي، ٻيٽ کسي صوبن جا حق پائمال ڪيا پيا وڃن: سينيٽر

اسلام آباد (بيورو/ م ڊ) سينيٽ ۾ مخالف ڌر پارٽين سان تعلق رکندڙ ميمبرن چيو آهي ته ڀنڊار ٻيٽن ۽ سامونڊي علائقن جي حوالي سان صوبن جا حق پائمال نه ڪيا وڃن، ٻيٽن تي صوبن جو حق  تسليم ڪيو وڃي. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران ڀنڊار ٻيٽن ۽ بلوچستان جي سامونڊي علائقن جي حوالي سان مخالف ڌر جي رٿ تي ڳالهائيندي پيپلزپارٽي جي سينيٽر بهره مند تنگي چيو ته صوبن جي ٻيٽن ۽ سامونڊي علائقن تي قبضي جي لاءِ رات پيٽ ۾  آرڊيننس آندو ويو جڏهن ته پارليامينٽ موجود آهي. کنڊ ٻيهر 105 رپيا ڪلو تي پهچي وئي آهي، حڪومت عام ماڻهو جي مشڪلاتن جو احساس ڪري. سينيٽر نزهت صادق چيو ته پڙهيل لکيل نوجوان ڊگريون هٿن ۾ کڻي ڦري رهيا آهن، ڪو روزگار نه آهي،. سينيٽر شيري رحمان چيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي ڪنهن کي نظر وجهڻ نه ڏينداسين. سينيٽر مولوي فيض محمد چيو ته اسلامي رياست اها هوندي آهي جنهن ۾ عوام جي جان ۽ مال، حق ۽ عزت محفوظ هجي، اسان پنهنجي ٻيٽن تي حق رکون ٿا ۽ انهن جي حفاظت ڪنداسين. سينيٽر ڪيشو ٻائي چيو ته سنڌ جون اسپتالون مثالي ڪم ڪري رهيون آهن، ٻيٽن تي اسان جو حق آهي ان کي تسليم ڪيو وڃي.سنڌ ۽ بلوچستان جا حق کسيا پيا وڃن.  سينيٽر پرويز رشيد چيو ته ديامير ڀاشا ڊيم بابت دعويٰ ڪئي وئي ته اهو موجوده حڪومت شروع ڪرايو، منهنجو سوال آهي ته ان ڊيم جي لاءِ زمين ۽ ان جي ادائيگي ڪنهن ڪئي؟ زمين پيپلزپارٽي جي دور ۾ حاصل ڪرڻ شروع ٿي ۽ اسان زمين جي خريداري مڪمل ڪئي. هن مهانگائي تي چيئليج ڏيندي چيو ته  ان حوالي سان حڪومتي ميمبرن سان مختلف شهرن ۾ وڃڻ جي لاءِ تيار آهيان، عوام جي راءِ کي پي ٽي وي تي سڌوسنئون نشر ڪيو وڃي. بلوچستان مان نئين چونڊيل سينيٽر نصرت شاهين بلوچستان کي گئس جي فراهمي جو مطالبو ڪيو آهي. مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته 40 سالن تائين پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) وارا هڪ ٻئي کان وارا وٺي حڪومتون ڪندا رهيا، عوام جي لاءِ ڪجهه نه ڪيو، هاڻي عوام جي ڀلائي جا منصوبن انهن کي هضم نه ٿي رهيا آهن، جڏهن پڪڙ ۾ اچن ٿا ته پنجابي، سنڌي، بلوچي، پشتون ڪارڊ کيڏڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا. مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي هڪ ٻئي جي خلاف جيڪا راند کيڏي اها ياد ڪن، اڄ اهي پنهنجي مفاد جي لاءِ گڏجي ويا آهن، بلاول ڀٽو زرداري کي لاڙڪاڻي ۾ جلسي جو چئلينج ڏيان ٿو، سڄي سنڌ انهن جي هٿن مان نڪري رهي آهي، ڪراچي ۾ بينظير ڀٽو جي سيٽ به پيپلزپارٽي هارائي وئي، ذوالفقار علي ڀٽو جيڪي ٻيٽ وفاق کي ڏنا ۽ سنڌ ڪابينا تازو ئي جنهن جي توثيق ڪئي اڄ پيپلزپارٽي ان جي مخالفت ڪري رهي آهي، نه پاڻ ڪو ڪم ڪن ٿا نه ڪنهن کي ڪرڻ ڏين ٿا. سينيٽر ميان رضا رباني مطالبو ڪيو ته ملڪ ۾ پاور جي بريڪ ڊائون جو معاملو لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي. سينيٽر ميان رضا رباني چيو ته پارليامينٽ عوامي مسئلن تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. بريڪ ڊائون بابت ايوان ۾بيان ڏنو ويو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.