جبري گمشدگين تي ڳڻتي، پارٽي پاليسي جا مخالف وزير گهر وڃن: وزيراعظم

اسلام آباد( م ڊ) ملڪ ۾ بجلي بريڪ ڊائون انساني غلطي جو نتيجو قرار ڏيندي رپورٽ ڪابينا ۾ پيش ڪئي وئي آهي جڏهن ته وزيراعظم وزيرن جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي ڏيکاريندي کين وارننگ ڏئي ڇڏي آهي. عمرڪوٽ ۾ ننڍي چونڊن ۾ رينجرز مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ڪابينا اسلام آباد ۾ مارجي ويل نوجوان اسامه ستي جي والدين کي قانوني ڪارروائي ۽ انصاف  جي فراهمي جي خاطري ڪرائي. ڪابينا گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ انهن گمشدگين جي خاتمي لاءِ قانون بڻائڻ جي هدايت ڪئي   وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جوا جلاس ٿيو جنهن ۾ ڇنڇر جي رات سڄي ملڪ ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون بابت شروعاتي جاچ رپورٽ پيش ڪئي وئي. عمر ايوب ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته بجلي بريڪ ڊائون هڪ انساني غلطي سبب ٿيو، غفلت ڪندڙ ملازمن جي خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. وزير اعظم عمران خان وزير جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته وزير پنهنجي ڪارڪردگي ۽ وزارتن تي گرفت بهتر ڪن. وزير اعظم عمران خان توانائي واري وزير عمر ايوب جي ڪارڪردگي مان به ناخوش نظر آيو. عمران خان چيو ته شهرين جي مسئلن سان سلهاڙيل وزارتن وٽ غلطي جي گنجائش نه هئڻ گهرجي. هن چيو ته پارٽي پاليسي خلاف بيان ڏيندڙ وزير به گهر وڃن. بجلي بحران تي پيش ڪيل رپورٽ موجب 9 جنوري تي رات 11 لڳي 41 منٽن تي 500 ڪي وي گڊو-شڪارپور سرڪٽ ٽرپ ٿيا.  جنهن بعد گڊو-مظفر ڳڙهه ۽ گڊو ڊي جي خان ٽرانسميشن لائينز به ٽرپ ٿي ويون. جنهن سان بجلي نظام ويهجي ويو. وزير اعظم هدايت ڪئي ته اسامه ستي جا والدين حڪومتي ڪارروائي مان مطمئن ناهن ته هاءِ ڪورٽ جي جج کان جاچ ڪرائن، مچ سانحي جي ذميوارن کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين. ڪابينا ليگل اينڊ جسٽس ايڊ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل جي مقرري، نيشنل طب ڪونسل جي نئين ايڊمسٽريٽر جي مقرري، پاڪستان ڪونسل فار سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي بورڊ آف گورنرز جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ٿيندڙ فيصلن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته گذريل ٻن سالن کان هر اڱاري تي ڪابينا جو اجلاس ٿيندو پيو اچي. 15 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو، هن ٻڌايو ته آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي فنڪشنز بابت بل آڻي رهيا آهيون جنهن جو مقصد ان جي اختيارن کي وڌيڪ واضح ڪرڻ، شفافيت آڻڻ ۽ دائري کي وڌائڻ آهي. هن چيو ته ارڙهين ترميم جي خلاف ڪير ناهي پر ان ۾ موجود ڪجهه خاميون ختم ڪرڻ چاهيون ٿا. ترميم بعد صوبن ڏانهن وزارتون منتقل ٿيون پر ملازمن جو حجم وفاق تي وڌي ويو. ڪابينا تعليم جي فروغ لاءِ معارف فائونڊيشن ترڪيءَ ۽ تعليم واري وفاقي وزارت جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت نامن تي صحيحون ڪرڻ جي اجازت ڏني. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته براڊ شيٽ اسڪينڊل 2000ع کان شروع ٿيو، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي کي اين آر او ڏيڻ کانپوءِ اها انڪوائري سرد خاني جي حوالي ٿي وئي، 200 نالن جي فهرست ڏني وئي هئي جن رقم ٻاهرئين ملڪ منتقل ڪئي، ان لاءِ بين الوزارتي ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جيڪا سڀني ڪيسن ۽ اهم نقطن جو جائزو وٺندي، جن ملڪ جا اثاثا ڦريا ۽ ڪمپني کي جيڪا ادائيگي ڪئي هئي، ڪميٽي ڪجهه ڏينهن ۾ اهم انڪشاف ڪندي. هن چيو ته سينيٽ جي چونڊن لاءِ اعليٰ عدليه کان رهنمائي گهري، ان جو مقصد اهو آهي ته چونڊون شفاف ٿين ۽ پئسي جو استعمال نه ٿئي، پارليامينٽ جو مٿيون ايوان سينيٽ آهي، ان ۾ اهي ماڻهو اچن جيڪي خاص تجربو رکن ٿا، اهي پاليسي سازي ۽ قانون سازي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ماضي ۾ پئسي وارا ماڻهو ايندا هئا جن کي اچڻ گهربو هو اهي نه اچي سگهندا هئا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.