اسلام آباد( م ڊ) گڊو پاور پلانٽ ۾ عملي پاران غلطي سان سرڪٽ بريڪر بند ڪرڻ سبب بريڪ ڊائون ٿيڻ جو انڪشاف ٿيوآهي. جيو نيوز موجب گڊو پلانٽ جي سوئچ يارڊ ۾ لڳل هڪ بريڪر جي مينٽيننس جاري هئي ته ڏينهن جو عملو سرڪٽ بريڪر بند ڪرڻ کان سواءِ هليو ويو. رات جي عملي ارٿنگ کان سواءِ سرڪٽ بريڪر بند ڪيو ته گڊو پلانٽ ويهي ويو، جنهن سبب پلانٽ مان نڪرندڙ ٽرانسميشن لائنون به ٽرپ ٿي ويون. 03