آصف زرداري جي طبي معائني لاءِ ميڊيڪل بورڊ قائم

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباده هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي صحت جو معائنو ڪرڻ جي لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو آهي. عدالت رپورٽ طلب ڪندي شڪي ٽرانزيڪيشن ڪيس ۾ اڳوڻي صدر جي عبوري ضمانت ۾ 28  جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني شڪي ٽرانزيڪشن ڪيس ۾ آصف علي زرداري جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران آصف علي زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ دليل ڏنا ته منهنجو اصيل ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي ۽ عدالت کيس 2 ڪيسن ۾ طبي بنيادن تي ضمانت ڏئي ڇڏي آهي.هن عدالت کي آگاهي ڏني ته ٻئي فيصلا هڪ ئي ڏينهن ڪيا آهن جيڪي رڪارڊ تي موجود آهن. ان تي جسٽس عامر فاروق چيو ته اسان ميڊيڪل بورڊ ٺاهي ٿا ڇڏيون ۽ ان جي رپورٽ جو انتظار ڪريون ٿا پر هن اهو به پڇاڻو ڪيو ته اڳوڻي صدر کي بيماري ڪهڙي آهي.؟جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ ٻڌايو ته منهنجي اصيل پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري کي دل، چيلهه جي تڪليف ۽ شوگر جي بيماري آهي. جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته عدالت ڪنهن به سرڪاري اسپتال جي ڊاڪٽرن تي ٻڌل بورڊ جوڙي.ان تي جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته اوهان به ٻڌائي ڇڏيو، سڀاڻي نيب جو بورڊ تي اعتراض نه اچي وڃي ٻيهر اهي ڳالهيون نه ٿيڻ گهرجن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.