ڪي پي ۾ پوليو ٽيم تي حملو، اهلڪار شهيد

پشاور (م ڊ) نامعلوم ماڻهن پاران پوليو کان بچاءُ واري ٽيم مٿان فائرنگ سبب سيڪيورٽي تي مقرر پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو.رپورٽ  موجب خيبرپختونخواهه ۾ بنون ۽ ڪرڪ جي سرحدي علائقي تخت نصرتي ۾ پوليو کان بچاءُ واري مهم جاري هئي ته نامعلوم ماڻهو ٽيم مٿان فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا. فائرنگ جي نتيجي ۾ پوليو کان بچاءُ واري ٽيم جي سيڪيورٽي تي مقرر پوليس اهلڪار ٿڏي تي ئي شهيد ٿي ويو.ڊي پي او ڪرڪ جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته شرپسندن جي فائرنگ سبب پوليو ٽيم محفوظ رهي آهي. شهيد اهلڪار جو مڙهه ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته واقعي جا سبب ڄاڻڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.واضح رهي ته ملڪ جي مختلف علائقن ۾ خاص طور تي خيبرپختونخواهه ۾ پوليو کان بچاءُ واري ٽيم  جي لاءِ کنيل قدمن کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي جنهن سبب ڪيترائي رضاڪار ۽ پوليس اهلڪار به شهيد ٿي ويا آهن.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.