ڪي پي جي صلاحڪار ضياءُ بنگش تي هراسان ڪرڻ جو الزام

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواهه  جي آءِ ٽي بابت صلاحڪار ضياءُ الله بنگش تي هڪ عورت هراسمينٽ جا الزام لڳايا آهن. عورت الزام هنيو آهي ته ضياءَ الله بنگش کيس زيادتي جو نشانو بڻائڻ جِي ڪوشش ڪئي. ان سلسلي    حساس اداري ضياءَ الله بنگش مٿان الزامن بابت رپورٽ ڪي پي جَي وڏي وزير محمود خان ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.  رپورٽ ۾ عورت جَي الزامن جي تصديق نه ٿي سگهي. رپورٽ موجب عورت 10سال اڳ ضياءُ الله بنگش سان گڏ اين جي اوز ۾ ڪم ڪندي هئي. ضياءُ الله ايم پي اي ٿيڻ بعد عورت سان رستا ڌار ڪيا، کيس نوڪري ڏيڻ جو واعدو به پورو نه ڪيو، ضياءُ الله بنگش عورت کي ليگل نوٽيس موڪلي ڇڏيو.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.