اسلام آباد (م ڊ) ڪورونا وائرس سبب ملڪ ۾ 2 ڪروڙ ماڻهو بيروزگار ٿيا، 10 سيڪڙو گهرن ۾ رهندڙ ماڻهو هڪ کان وڌيڪ ڏينهن بُک تي رهيا: اين سي او سي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا سبب 30سيڪڙو گهراڻا خوراڪ جي فراهمي سبب عدم تحفظ جو شڪار ٿيا. ڏکئي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ 50 سيڪڙو گهراڻن گهٽ معيار واري خوراڪ خريد ڪئي، 47 سيڪڙو گهراڻن پنهنجي بچيت خرچ ڪري ڇڏي يا ملڪيت وڪرو ڪري ڇڏي. هوڏانهن اسد عمر جو چوڻ آهي ته ڪورونا ويڪسين لاءِ 11 لک ڊوز جو آرڊر ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته طبي عملو پهريون هدف آهي. ڪوشش آهي ته ويڪسين مارچ تائين اچي ويندو.